ڪنڌڪوٽ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ (ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳوڌو خان مزاري جي رھواسين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ھڪ ڄڻو موقعي تي قتل ڪيترائي زخمي سول اسپتال ڪشمور منتقل
تفصيل موجب :٠ ڪشمور لڳ ڳوٺ ڳوڌو مزراي ۾ زمين جي مالڪي تان مزاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب پرائمري استاد فيض محمد مزاري موقعي تي مارجي ويو. ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون اھڙو اطلاع ڪشمور پوليس کي ملڻ تي پوليس موقعي تي پھچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال پھچايو جتي ٽي گھنٽا گذرڻ باوجود اسپتال جو عملو اسپتال مان غائب رھيو ڪافي دير گزرڻ باوجود لاش اسپتال ۾ پيل رھيو دير سان ايم ايس ڪشمور پھچي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پوء لاش کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.