ڪنڌ ڪوٽ(عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌ ڪوٽ سنڌ اندر ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪرڻ سنڌ جي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ واري عمل جي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سٽي پارڪ کان محمد اڪرم باجڪاڻي، قمر دين سهرياڻي، شير زمان بجاراڻي، امداد کوسو، صفي الله سهرياڻي، فضل سبزوئي خادم حسين ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو لڳايو ويو انهي دوران مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر هئا جن تي ڌارين نامنظور سنڌ سان زيادتيون بند ڪيو ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪيو جا نعرن لکيل هئا انهي دوران ريلي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر هڪ سازش تحت سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻي ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائيل جاري ڪري سنڌ جي ڪوٽا تي ڌارين کي نوڪريون ڏئي سنڌ جي نوجوانن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي انهي وقت به ڪنڌ ڪوٽ ضلعي سميت سڄي سنڌ اندر وڏي تعداد ۾ ڌارين کي ڊوميسائيل جاري ڪري سنڌ جي نوجوان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي جنهن ڪري اسين وقت جي حڪمرانن کان گهر ڪيون ٿا ته فوري ڌارين جا ڊوميسائيل رد ڪري سنڌي عوام سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين سنڌ جي حق خاطر روڊن رستن تي هونداسي جيستائين هي ظلم بند نه ٿيندو اسين احتجاج ڪندا رهنداسين.