ڪرونا کي بلند حوصلي ۽ گھربل احتياط سان شڪست ڏيڻي آھي: ڊاڪٽرن جا ويچار
ڪرونا ھڪ اپاھج وائرس آھي احتياط نه ڪندڙ خود پنھجي ھٿن تي کڻي ھن کي موتمار ڪن ٿا.
ڀاڪر جي بجاء محبت جو اظھار اکين ۽ بھترين روين سان ڪريو.
عالمي لالچي سرمائيدار ويڪسين آڻڻ ۾ عام ماڻھن جي رسائي جو خيال رکن.
عوام جي حفاظت لاء حڪومت کليل مارڪيٽن ۽ سواري جي ذريعن تي لاڳو ڪيل پابندين تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ پورھيتن جي ڪفالت ڪري.
ڪرونا جي سماجي وٿي ۽ وڇوٽي کي خوشگوار ۽ معلوماتي رکڻ لاء رميش راجا ۽ منظور اڄڻ پاران شروع ڪيل آن لائين عالمي ويھڪن جي اٺون پروگرام “وڌندڙ ڪرونا ۾ اسان جو ذميداريون” جي موضوع تي ٿي گذريو. جنھن ۾ ڏيھ توڙي پرڏيهھ جي ڊاڪٽرن ويچار ونڊيا. خاص طور تي روس مان ڊاڪٽر ذيشان جتوئي، لنڊن مان صادق ڀنڀرو، آمريڪا مان آيل ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، ڊاڪٽر شھزاد شيخ، ڪئناڊا مان احمر نديم ميمڻ، فن لئنڊ مان رخسانه علي، بحرين مان منظور سيٺار، دبئي مان دودو کٽياڻ، عبدالله سولنگي، مھيش ڪمار ، عبد الرزاق سروھي، محمد رياض سھتو، پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي، حاجي خان بوزدار، ممتاز علي ميمڻ، حسين سھتو، شڪيل شيخ انيس نور ميمڻ ۽ ٻين پنھنجا ويچار ونڊيا.
سڀ کان پھرين ھن خطرناڪ ڪرونا وبا سان پھرين صف تي لڙندڙ ڊاڪٽرن کي سلام پيش ڪيو ويو ۽ ان اعلي فرض جي ادائگي ۾ پنھنجي حياتي جو نظرانو پيش ڪندڙ ڊاڪٽرن جي لاء ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ مرد مجاھد جو لقب ڏنو ويو.
ڊاڪٽرن ۽ ماھرن جو چوڻ ھيو ته دنيا ۾ چار لک ماڻھن کي مارڻ، پنجھٺ لک ماڻھن کي بيمار ڪرڻ ۽ ڇھ ڪروڙ ماڻھن کي بي روزگار ڪرڻ وارو ڪرونا ھڪ اپاھج وائرس آھي احتياط نه ڪندڙ خود پنھجي ھٿن تي کڻي ھن کي موتمار ڪن ٿا.
عالمي برادري وڌندڙ عالمي غربت ۽ بي روزگاري جي مد نظر لاڪ ڊائون ختم ڪري ڪرونا سان گڏ ھلڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھاڻي ڪرونا جي طئي ٿيل احتياطن کي ھڪ نئين سماجي بناوت طور اپنائڻو پوندو.
ماھرن صلاح ڏيندي چيو ته گھربل احتياط، بلند حوصلي ۽ بھتر قوت مدافعت سان ڪرونا جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. احتياط لاء چڱي طرح ھٿ ڌوئڻ، سماجي وٿي رکڻ، غير ضروري ميل ميلاپ ۽ ھٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، منھن، اکين ۽ نڪ تي ھت ھڻڻ کان پاسو ڪرڻ، نمڪ جا گراڙا ڪڙڻ، سينيٽائيزر ۽ ڊيٽول سان ھٿن کي جراثيمن کان پاڪ رکڻ، شين جي ڏي وٺ ۾ احتياط ڪرڻ ۽ ڀاڪر جي بجاء محبت جو اظھار اکين ۽ بھترين روين سان ڪريو. قوت مدافيت جي بھتري لاء ڀرپور ننڊ، اس جو سيڪ وٺڻ، گرم ٿيل پروٽين وارا کاڌا کائڻ، ججھو پاڻي پيئڻ، ليمون پاڻي پيئڻ، دالچيني، لونگ ۽ ادرڪ جو ڪاڙھو پيئڻ ۽ تازا ۽ خشڪ ميوا وٺڻ کپن.
گھر ۾ ويھي ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ بجاء گھرڀاتين سان ڪچھري ڪرڻ، پنھنجي لاء وقت ڪڍڻ، ڪتاب پڙھڻ، گھر جي لائيبرري۽ اسٽور جي صفائي ڪرڻ، پراڻن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان فون تي ڪچھريون ڪرڻ، ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ ۽ خبرن بجاء سٺيون فلمون ڏسڻ جھڙا ڪارائتا ڪم ڪرڻ گھرجن.
وڌيڪ چيو ويو ته دنيا جون ڏھاڪو کن وڏيون ڪمپنيون ڪرونا ويڪسين ٺاھڻ ۽ مارڪيٽ ۾ آڻ جي ڊوڙ ۾ آھن جيڪو تحقيق ۽ تجربي جي آخري مرحلي ۾ آھن سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. جيڪا ھميشه جيان عالمي سرمائيدارن جي لالچ ڪري عام ماڻھن جي رسائي کان مٿي ھوندي جنھن لاء عالمي عام ڀلائي جي ادارن کي اڳتي اچڻو پوندو.
عوام جي حفاظت لاء حڪومت کليل مارڪيٽن ۽ سواري جي ذريعن تي لاڳو ڪيل پابندين تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ پورھيتن جي ڪفالت ڪري ان موقعي تي پاڪستان جي مختلف شهرن مان جنيد انور لغاري ، جميل احمد شيخ،سانول ڳاھو، پرويز سھتو ، امان الله سولنگي، مرتضي گوھر، ساھ شيخ ، حق نواز شيراز چانڊيو، چانڊيو انور عزيز، راجيش جئپال، انتظار عامر ڪلهوڙو، آصف ابڙو، ظھيرالدين بابر ٻوھيو،؛ انصار علي، وحيد جسڪاڻي، دریا خان شيخ، اشفاق ميمڻ، ممتاز خادم ميمڻ، علي محمد ناريجو، اياز جروار، مرسلين خان جتوئي، عطا الله خان جتوئي ، واجد سنڌي، امجد شر، ساحل ڪمار لوڍا، محمد بخش سومرو، الاھي مھر، الطاف سومرو، بابو ھرداس، آغا مسعود، محمد رياض سھتو، مير محمد قاضي ۽ ٻين آن لائين شرڪت ڪئي.