ڪنڌڪوٽ(رپورٽر ) ضلعي ڪشمور جي پوليس جهيڙن اغوا ڦر قتل بدامني کي روڪڻ ۾ ناڪام 6 ڏينهن ۾ پنج ڄڻا قتل هڪ اغوا پوليس هن وقت تائين ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي گذريل رات دير سان گوء کان واپس ايندڙ نوجوان کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو.
.مقتول جي گهر ۾ قعورام مچي ويو ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي.
تفصيل موجب تنگواڻي لڳ گذريل رات دير سان گوءِ کان واپس موٽي ايندڙ ساوند برادري جو نوجوان رحمت الله ساوند کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ۽ وارثن ۽ پوليس کي اطلاع ڏئي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش روڊ تي اڇلائي فرار ٿي ويا.
حد جي پوليس پهچي لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول نوجوان جو لاش ڳوٺ رئيس محمد هاشم ساوند پهتو گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو مقتول ٻه شاديون ڪيون هيون جنهن مان ڇھ ٻارن جي اولاد هئيس جڏهن ته ٻه گهرواريون هئيس جڏهن ته ڪشمور جي پوليس بدامني کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
ڇھ ڏينهن جي اندر پنج ڄڻا قتل ٿي ويا آهن هڪ ڄڻو اغوا ٿي ويو آهي جنهن جو هن وقت تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي پنج ڄڻن جي قتل ٿيڻ جي باوجود به پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته هن وقت تائين قتل ٿيل جي گهر م سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي وڌندڙ بدامني کي پوليس روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي رسالدار روڊ وٽ نامعلوم هٿياربندن اميش ڪمار کان هٿيارن جي زور تي لکين روپيا ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ جي باوجود ڪجھ به نه ڪري سگهي جوابدار کي منهن تي ٻٽ ٻڌل هئا واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو آهي دڪاندار اميش ڪمار پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي