اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪورونا ملڪي جي ڊي پي کي 3 ارب رُپين جو نقصان پهچايو، وفاقي سرڪار مالي سال 2019-20 جي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
ناڻي کاتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار حفيظ شيخ رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ جي ايڪسپورٽ ۾ 20 ڏهائي 7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جولاءِ کان مارچ مهيني تائين مالي خسارو جي ڊي پي جو 4 سيڪڙو رهيو، مجموعي ترقياتي خرچن ۾ 9 مهينن دوران 24 ڏهائي 9 سيڪڙو اضافو ٿيو.
اقتصادي سروي رپورٽ ۾ خدمتن جي شعبي ۾ ترقي ڪاٽو هجڻ جو به اعتراف، حفيظ شيخ چيو آهي ته ڪورونا جي اثرن جو ڪاٿو لڳائڻ سولو نه آهي، هڪ مهيني کانپوءِ نقصانن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي سگهبو، ناڻي کاتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار حفيظ سڄو سال اسٽيٽ بئنڪ کان قرض نه وٺڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته خرچن ۾ زبردست گهٽتائي ڪرڻ سان بجيٽ خساري ۾ 73 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ماضي ۾ ورتل 5 هزار ارب رُپين جا قرض به واپس ڪيا ويا.
مالي سال 2019-20 دوران معاشي پيداواري شرح ٻڙي ڏهائي 4 سيڪڙو رهي، صنعتي شعبي ۾ ترقي ڪاٽو 2.64 ۽ ٽرانسپورٽ ۾ ترقيءَ جي شرح ڪاٽو 7 ڏهائي هڪ سيڪڙو رهي، حفيظ شيخ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال زرعي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 3.5 سيڪڙو جي ابتڙ 2.67 سيڪڙو رهي، اعتماد هو ته هلندڙ مالي سال دوران 4 هزار 700 ارب رُپيا ٽئڪس اوڳاڙي ٿيندي، پر ڪورونا ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪرڻ نه ڏنو.