اسلام آباد:(بيورو) عدالت وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) کي آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد جي مقامي عدالت جي ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ پيپلز پارٽي اسلام آباد جي صدر ايڊووڪيٽ شڪيل عباسي طرفان ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن کي اڄ ٻڌايو ويو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ايف آءِ اي کي آمريڪي عورت جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ان کان اڳ اسلام آباد پوليس سنٿيا جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ ايف آءِ اي به سنٿيا جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.ٻئي طرف آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي خلاف داخل ڪيس جي هڪ ٻئي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
شهري جي درخواست تي اسلام آباد جي سيشن عدالت وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.ايڊيشنل سيشن جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ٻئي ڪيس ۾ ايف آءِ اي جا ڪمنٽس اچي وڃن پوءِ ڏسنداسين. ياد رهي ته سنٿيا رچي اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ تي جنسي زيادتي جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم شهاب الدين مٿان به الزام لڳايو آهي.