اسلام آباد: (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پرائيويٽ اسڪولن سان لاڳاپيل ماڻهن جون نوڪريون ختم ٿي رهيون آهن. حڪومتي پاليسي سبب ماڻهن جا بنيادي حق متاثر ٿي رهيا آهن.
جنهن کان پوءِ چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هن وقت سڀني کان وڏو بنيادي حق انساني حياتيون بچائڻ آهي. ڇا ٻين ملڪن ۾ اسڪول کوليا ويا؟ ترقي يافته ملڪن ۾ به اسڪول ناهن کوليا ويا. وبا سان ڪيئن منهن ڏيڻو آهي اهو حڪومت جو ڪم آهي. اسان عدالتون به حڪومت جي پاليسين کي نظر ۾ رکندي کوليون آهن. ان حوالي سان عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي هي ايگزيڪٽو جو ڪم آهي ۽ اهي ئي هن کي ڏسندا.جسٽس اطهر من الله تعليمي ادارا کولڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته پرائيويٽ اسڪول حڪومتي اٿارٽي پيرا کي به درخواست ڏئي سگهن ٿا.