پشاور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.صوبائي صحت کاتي موجب خيبرپختونخواهه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 563 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 18 هزار 13 ٿي ويو آهي.
خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 675 ٿي ويو آهي.
پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 5 هزار 258 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک 44 هزار 478 ٿي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 97 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هينئر تائين فوت ٿي ويلن جو انگ 2 هزار 729 تائين پهچي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب متاثر 53 هزار 721 مريض صحتياب ٿي ويا آهن.پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ مريض آهن جتي هينئر تائين 54 هزار 138 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.
سنڌ ۾ 53 هزار 805، خيبرپختونخواهه ۾ 18 هزار کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 8 هزار 177 اسلام آباد ۾ 8 هزار 569، آزاد ڪشمير ۾ 647 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 129 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون به پنجاب ۾ ٿيون آهن. جتي هڪ هزار ايڪٽيهه ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 831، خيبرپختونخواهه ۾ 675، اسلام آباد ۾ 78، گلگت بلتستان ۾ 16، بلوچستان ۾ 85 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 13 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن.