ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سنڌ حڪومت وفاق کي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ 15 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.
سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شهرن مان مريض سامهون اچي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون سمجهه ۾ نه پيو اچي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ تمام گهڻو غور ويچار ڪري رهي آهي.
هن چيو ته هڪ وقت اهڙو ايندو جڏهن صحت جو سسٽم ويهي ويندو ڇو ته جن ملڪن وٽ وسيلن جي کوٽ نه هئي اهي به ماڻهن جون ضرورتون پوريون ناهن ڪري سگهيا. اسان لاءِ ته وڏيون پريشانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
سعيد غني چيو ته اهوئي سبب آهي ته شروع کان چئي رهيا آهيون ته وائرس کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻن گهرجن پر وفاق ۽ وزيراعظم جو نظريو ڌار آهي.هن وڌيڪ چيو ته 10 لک اڳيان جون ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اڍائي 3 لک ڪيسن تائين پهتاسين ته اسان جي اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن وٽ ايتري صلاحيت نه هوندي جو اسان سنڀالي سگهون.
سعيد غني چيو ته اسان هر صلاحيت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر جهڙي تيزي سان مريض سامهون اچي رهيا آهن ان سان سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته اسان صورتحال کي منهن ڏئي سگهنداسين.