اسلام آباد: (بيورو) اين سي او سي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا هاٽ اسپاٽ 20 شهرن جي هنڌن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) اسمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تحت سڄي ملڪ جي 20 هنڌن کي مڪمل بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اين سي او سي طرفان ڪراچي، لاهور، ڪوئٽه، پشاور، راولپنڊي، اسلام آباد، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا، سوات، حيدرآباد، سکر، سيالڪوٽ، گجرات، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي جي مختلف هنڌن کي ڪورونا هاٽ اسپاٽ قرار ڏنو ويو آهي.
ترجمان اين سي او سي جو چوڻ آهي ته خيرپور، ڊي جي خان، مالاڪنڊ ۽ مردان جا مختلف علائقا به ڪورونا سبب تمام گهڻو متاثر قرار ڏنا ويا آهن. جڏهن ته اسلام آباد ۾ جي نائن، ٽو ٿري سيل ڪيا ويا ۽ ڪراچي جي هڪ ڪمپني ۾ به 300 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ان کي به سيل ڪيو ويو آهي
.ٻئي طرف اسلام آباد ۾ آءِ ايٽ، آءِ ٽين، غوري ٽائون، باره کهو، جي سڪس، جي سيون، به نوان هاٽ اسپاٽ بڻجي ويا آهن. ان نون هاٽ اسپاٽن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي جيڪي ڪنهن به وقت سيل ڪري سگهجن ٿا.