لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب حڪومت لاهور ۾ ڪورونا سبب متاثر علائقن کي سڀاڻي کان سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. متاثر علائقا 2 هفتن جي لاءِ بند رهندا.
لاهور جي شهرن مزنگ، شاهدره، شاد باغ، برهنس پوره، علامه اقبال ٽائون، ڪينٽ، گلبرگ، نشتر ٽائون جا هاٽ اسپاٽ ايرياز شامل آهن. پابندي گهٽ ۾ گهٽ 2 هفتن لاءِ هوندي.
گرو سري، ميڊيڪل اسٽور، کير ۽ ڏهي جون دڪانون ۽ تندور کليل رهندا.پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راند پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاهور ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته جن علائقن ۾ وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ان متاثر علائقن کي سڀاڻي رات 12 وڳي کان بند ڪيو ويندو.
صورتحال ڏسي علائقا کولڻ جو فيصلو ڪنداسين. ڏک ٿيندو آهي جڏهن اسان جي ڀيٽ نيوزيلينڊ جهڙي ملڪ سان ڪيو ويندو آهي.عوام ايس او پيز کي سختي سان عمل ڪن. ياسمين راشد چيو ته لاهور ڪورونا جو ڳڙهه بڻجندو پيو وڃي. علامه اقبال ٽائون جي محلي ۾ 358 ۽ واپڊا ٽائون جي متاثر علائقي ۾ 250 کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا، عوام کي حفاظتي تدبيرن تي هر صورت تي عمل ڪرڻو پوندو. ماسڪ پائي بيماري کان 50 سيڪڙو بچي سگهجي ٿو.