اسلام آباد: (بيورو) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري عيد بابت هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.
فواد چوڌري ٽوئٽ جي ذريعي ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي.وفاقي وزير چيو ته 21 جولاءِ تي ذوالحج جو چنڊ ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ دوربين سان واضح طور تي ڏسي سگهبو. جڏهن ته چنڊ ڪيترن ئي علائقن ۾ بنا دورپين جي به ڏسي سگهجي ٿو.
فواد چوڌري چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪلينڊر موجب عيدالاضحيٰ 31 جولاءِ جمعي جي ڏينهن ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته چنڊ جي لوڪيشن جي لاءِ اوهان رويت ايپ به استعمال ڪري سگهو ٿا.
واضح رهي ته ان کان اڳ فواد چوڌري شوال جو چنڊ نظر اچڻ ۽ عيدالفطر جي تاريخ جو اعلان به اڳ ئي ڪيو هو ۽ ان جي اعلان موجب ئي چنڊ نظر اچڻ تي رويت تي عيدالفطر ملهائي وئي هئي پر مرڪزي رويت هلال ڪميٽي چنڊ جي رويت تي شهادتون گڏ ڪري شوال جي چنڊ جو اعلان ڪيو هو.