ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ اڄ اربع ڏينھن مخالف ڌر جي شديد گوڙ ۾ سنڌ جي مالي سال 21-2020ع لاءِ کوٽ واري بجيٽ پيش ڪئي جنھن جي لاڳت 1241.13 بلين رپيا آھي جڏھن تھ گڏيل کوٽ 18.38 بلين رپيا آھي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پنھنجي تقرير جي شروعات ڌڻي سڳوري جي ٿورن سان ڪئي، رب سائين اسان کي ڪووِڊ-19 (ڪورونا) واري ڳنڀير مسئلي کي مُنھن ڏيڻ جي ھمت، طاقت ۽ صلاحيت سان نوازيو. اللھ تعاليٰ جو اھو پڻ شڪر آھي جو مان ھتي ھِن معزز ايوان آڏو مالي سال 21-2020ع جي سالياني بجيٽ پيش ڪري رھيو آھيان ۽ اھا اللھ تعاليٰ جي تمام وڏي ڪرم نوازي آھي، جنھن مونکي ھي موقعو عطا فرمايو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو تھ اسان ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي ڪري پيدا ٿيل ڳنڀير مسئلن کي منھن ڏيڻ ۽ انھن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ھڪ ڊگھي ۽ ٿڪائيندڙ سفر ۾ رھيا آھيون ۽ اھا وبا جيڪا عالمي سرحدن تي پکڙي ۽ آخرڪار جھنگ جي باھ جيان 200 ملڪن اندر ھڪ عالمي وبا طور پکڙجي وئي. ان پاڪستان کي پڻ اثر هيٺ آندو ۽ اسان ھن وقت پنھنجي سماجي ۽ معاشي سطح تي ان جي شديد اثرن کي ڏسي رھيا آھيون. ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي تباھي آڻيندڙ اثرن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت قيمتي حياتين ۽ امڪاني طور زوال پذير معيشت کي بچائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا ۽ پنھنجي وسيلن کي نئين سر ڪتب آندو. ھن چيو تھ ڪورونا ابتدائي طور موجوده صحت جي نظام لاءِ ھڪ وڏو خطرو ھو ۽ بعد ۾ ان جي پکيڙ ۽ پھچ ۾ وڏي پيماني تي واڌ سبب ان پنھنجي اثرن کي زندگيءَ جي سمورن شعبن تائين وڌائي ڇڏيو. دنيا کي ان نظر نه ايندڙ دشمن کان ماڻھن کي بچائڻ لاءِ پنھنجي وسيلن جو رُخ موڙڻو پيو. ان زندگيءَ تي ھڪ تباھ ڪندڙ جمود طاري ڪري ڇڏيو ۽ شھرن کي لاڪ ڊائون جي صورت ۾ عملي طور سنسان ڪري ڇڏيو، ڇوته ان عمل کي ھن خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ واحد حڪمت عملي تصور ڪيو پئي ويو جيڪا تقريباَ سڄي دُنيا ۾ لاڳو ڪئي وئي، جنھن جو مقصد ماڻھوءَ سان ماڻھوءَ جي جسماني ڳانڍاپي کي گھٽ ڪرڻ، ماڻھن جي جٿن واري زنجير کي ٽوڙڻ ھو ۽ اھڙي ريت ان کي سماجي وِٿي جو نالو ڏنو ويو. وڏي وزير چيو تھ سنڌ حڪومت ڪووڊ-19 جي خطري کي مُنھن ڏيڻ لاءِ عالمي طور تي اختيار ڪيل اصولن جي پيروي ڪئي. سنڌ پھريون صوبو ھو جنھن لاڪ ڊائون کي لاڳو ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ اُپاءَ ورتا. 26 فيبروري 2020ع تي جيئن ئي پھريون مريض ظاھر ٿيو ته اسان اُپاءَ وٺڻ شروع ڪيا ۽ پنھنجي ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ فوري طور تي اسڪول بند ڪري ڇڏيا. ھن چيو تھ اسان اُھي سمورا ھنڌ بند ڪرڻ لاءِ وڌيا سين جتي ماڻھو گڏ ٿي پئي سگھيا ۽ 23 مارچ 2020ع تي لاڪ ڊائون ڪيو ويو، جيڪو ڪجھ شعبن ۾ لڳاتار جاري رھيو. ٻين صوبن به اسانجي پوئواري ڪئي ۽ آھستي آھستي سڄي ملڪ ۾ پڻ لاڪ ڊائون ڪيو ويو. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سنڌ حڪومت رُڳو لاڪ ڊائون تي نه ڀاڙيو. اسان پنھنجي وسيلن کي صحت جي بھتر سھولتن جي فراھمي ۽ عام ماڻھو جي سھائتا لاءِ نئين سر ڪتب آندو جيڪو امڪاني بحران جي ور چڙھيل ھو، ڇوته قومي سطح تي لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ معيشت تي جمود طاري ٿيڻ جي ويجھو اچي چڪو هو. وڏي وزير چيو تھ سنڌ حڪومت پاران کنيل ڪجھھ اھم قدمن جو ذڪر ڪرڻ چاھيان ٿو، ھن ٻڌايو تھ روعاتي طور 3.0 ارب رپين جي ڪاٿي سان ھڪ ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ (سي اي ايف) قائم ڪيو، جنھن ۾ ابتدائي طور 1.3 ارب رپيا سنڌ حڪومت ڏنا، جڏھن ته 1.7 ارب رپيا سنڌ حڪومت جي ملازمن حصو ملايو. رقم جي فراھمي ۽ منظوري چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراھي ھيٺ جوڙيل ھڪ ڪميٽي پاران ڏني وئي. ان ڪارروائي ۾ شفافيت ۽ غيرجانبداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان ڪميٽي کي خانگي شعبي مان مضبوط نمائندگي ڏني وئي. اسان چئن نمائندن آڊٽ فرمن جون خدمتون حاصل ڪيون جن اڳ ئي پھرين آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آھي. وڏي وزير چيو تھ صحت جي ادارن / ليبارٽرين ۾ ڪورونا جي مريضن سان لاڳاپيل خدمتون انجام ڏيندڙ صحت جي اھلڪارن کي ابتدائي طور لاڳاپيل پگھار جي اسڪيل مطابق ھڪ ھلندڙ بنيادي پگھار جي شرح سان ھيلٿ رسڪ الائونس ڏنو ويو. ان رسڪ الائونس کي سمورن صحت جي اھلڪارن تائين وڌايو پيو وڃي. پوسٽ گريجوئيٽ/ھائوس جاب آفيسرن کي پڻ بيسڪ پي اسڪيل-18/17 موجب بنيادي پگھار مارچ 2020ع کان ڪورونا جي مرض جي خاتمي تائين الائونس طور ڏني ويندي. ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ ھيلٿ رسڪ الائونس تي لڳ ڀڳ ھڪ ارب روپيا خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي. وڏي وزير خطاب ڪندي وڌيڪ چيو تھ ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي صوبي اندر روزاني 11,450 تائين وڌايو ويو آھي، جيڪا ابتدائي طور روزاني 80 ٽيسٽن تي مشتمل ھُئي. ھن چيو تھ ڪووڊ-19 (ڪورونا) سبب پيدا ٿيل غيرمعمولي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ صحت جي شعبي پهرئين جٿي واري خدمتگار طور وڏي انساني تباھي ڦهلائيندڙ وبا کان بچڻ لاءِ ترت ضروري اُپاءَ ورتا. سمورن ضلعن ۾ 81 آئسوليشن سينٽر قائم ڪيا ويا جن ۾ 8266 بسترن جي سھولت آھي. جون 2020ع تائين ان صلاحيت ۾ 8616 بسترن تائين اضافو ڪيو ويندو. طبي سامان جي وقت سر ۽ مناسب خدمتن جي فراھميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ميڊيڪل پروڪيورمينٽ ڪميٽي قائم ڪئي آھي. ڪميٽي 2.43 ارب رپين جي لاڳت سان پرسنل پروٽيڪشن اڪيوپمينٽ، ليبارٽري آئيٽمز، اوزار ۽ ٻي ضروري مشينري ۽ آلات خريد ڪيا جنھن ۾ ڪورونا ايمرجنسي فنڊ تحت 1.5 ارب رپيا ۽ پي ڊي ايم اي فنڊ مان 891.8 ملين رپين جو خرچ شامل آھي. موجوده وينٽيليٽرز کانسواءِ سرڪاري شعبي جي صحت وارين سھولتن لاءِ ضرورت جي بنياد تي 101 وڌيڪ وينٽيليٽرز خريد ڪيا ويا جن ۾ 250 مانيٽرز به شامل آھن ته جيئن ڳڻتي جوڳن مريضن جون زندگيون بچائڻ لاءِ سھولتن جي وقت سر فراھمي کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو تھ 2 ارب رپين جي امدادي رقم سان نيپا چورنگي ڪراچي تي واقع وچڙندڙ بيمارين واري اسپتال جي سھائتا ڪئي وئي. سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي ڪري پوندڙ سماجي ۽ معاشي اثرن تي پڻ ڌيان ڏنو، جنھن سبب گھٽ آمدني وارن طبقن جو ھڪ وڏو حصو متاثر ٿيو جنھن جو سبب معاشي سرگرمين ۾ گھٽتائي اچڻ آھي. اسانجي سماج جي پٺتي پيل طبقي جي عزت ڀري پرگھور لھڻ لاءِ سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي 1.08 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم جاري ڪئي ته جيئن ضرورتمند ماڻھن کي سندن گھر جي چائنٺ تائين راشن جي فراھمي يقيني بڻائي سگھجي. ملڪيت، گاڏين، ڌنڌن، وڻج واپار، گھور ڪندڙ واپار ۽ روزگار کي ٽيڪس جي ادائگي کان آجو قرار ڏنو ويو. خانگي اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگرن لاءِ اپريل ۽ مئي 2020ع جي مھينن جي ٽيوشن فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو. ڪووڊ-19 (ڪورونا) جي نتيجي ۾ حفاظتي اُپائن طور سمورن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي بند ڪيو ويو. اٽڪل سموريون سرڪاري آفيسون بند ڪيون ويون، تنھن ھوندي به ان ڳالھھ کي يقيني بڻايو ويو ته لازمي خدمتون فراھم ڪندڙ ادارا، کاتا ۽ آفيسون کليل رھن. خانگي شعبي ۾ آفيسن، ڪاروبارن ۽ صنعتن کي بند ڪيو ويو پر ان ڳالھھ کي يقيني بڻايو ويو ته لازمي خدمتون بنا ڪنھن خلل جي فراھم ڪيون وڃن. سينيما ھالن، شاپنگ مالن، شادي ھال، لان، بينڪوئٽ ھال، ھوٽلون، فارم ھائوسز، مارڪيٽون (سواءِ ڀاڄي ۽ راشن جي دڪانن جي)، آڊيٽوريم ھالن، آرائشي شين جا دڪان، بيوٽي پارلر، سامونڊي ڪنارا، شو رومز وغيره بند ڪيا ويا. مطلب ته امڪاني عوامي اجتماعن جي سمورن تجارتي ۽ غير تجارتي ھنڌن کي بند ڪيو ويو ته جيئن طبعي رابطن ۾ گهٽتائي آڻي وڌ ۾ وڌ سماجي وٿي کي يقيني بڻايو وڃي. خانگي شعبي جي آفيسن ۽ وڻج واپار وغيرھ جي مالڪن کي پابند بڻايو ويو ته اھي پنھنجن ملازمن کي پگھارن جي ادائگي ڪن. ھن چيو تھ اسان صوبي جي عوام کي ڪووڊ-19 (ڪورونا) خلاف ڪوشش بابت آگاھ رکڻ کي ھڪ مستقل عمل بڻائي ڇڏيو ۽ زندگيون بچائڻ لاءِ سرڪاري سرگرميءَ کي مسلسل جاري رکيو، اسان ھفتيوار بنيادن تي عوام سان وڊيو خطابن ذريعي رابطو رکيو ۽ جڏھن ضرورت پيش آئي ته اھڙا وڊيو پيغام روزانو بنيادن تي نشر ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو تھ اسانکي ڊاڪٽرن، نرسن، طبي عملي ۽ ٽيڪنيشنز سميت سمورن صحت جي اھلڪارن جي ڪوششن کي لازمي طور ساراھڻ گھرجي جن ڪورونا متاثر مريضن جي سارسنڀال لاءِ پنھنجي حياتين کي داءُ تي لڳائي بچاءَ جي اول دستي طور پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. اسانجي صحت کاتي جي اھلڪارن اھو ثابت ڪيو ته اُھي قوم جي صحت جا محافظ آھن. اسانکي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس، رينجرز ۽ فوج جي خدمتن کي پڻ ساراھڻ گھرجي، جن حڪومتي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پنھنجي صحت ۽ حياتين کي خطري ۾ وڌو. ان موقعي تي پريس ۽ ميڊيا جو به ذڪر ٿيڻ گھرجي جن ھن ڏُکئي وقت ۾ عوام کي باخبر رکڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو تھ مان صحت جي عالمي اداري، يونيسيف، آغا خان يونيورسٽي، ايس آءِ يو ٽي، انڊس اسپتال طرفان ڏنل مدد جي پڻ واکاڻ ڪندس. آئون خاص طور تي ڊاڪٽر اديب رضوي، ڊاڪٽر عبدالباري خان ۽ ڊاڪٽر فيصل محمود جو ذڪر ڪندس جن اسانکي رھنمائي فراھم ڪئي. آءٌ ھن معزز ايوان کي گذارش ڪندس ته انھن جي خدمتن تي کين اُٿي بيھي ڀيٽا پيش ڪيون. مختلف طبقن پاران ڪورونا خلاف اسانجي قدمن تي تنقيد ڪئي وئي، اسان ان تنقيد کي مثبت ورتو ۽ صوبي جي عوام کي ھن وبا کان بچائڻ لاءِ پنھنجي ڪوششن کي جاري رکيو. ان موقعي تي آئون دوست ملڪ چين پاران سھڪار جو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجھان ٿو جنھن ڪورونا کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجو تجربو اسان سان ونڊيو. جنھن اسانکي ان مامري کي بھتر تياريءَ سان منھن ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. اسان ان عظيم مقصد ۾ سندن سھائتا لاءِ ٿورائتا آھيون. وڏي وزير چيو تھ ان موقعي تي مان ڪووڊ19 جي خطري جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت طرفان سھڪار جي پڻ واکاڻ ڪندس، جيتوڻيڪ ايتري مدد نه ڪئي وئي جيتري سنڌ جو عوام لھڻي پيو، پر تنھن جي باوجود اسانکي جيڪو ڪجھ مليو ان تي ٿورائتا آھيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ بدقسمتي سان اھو لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت ٽيم ورڪ جي تصور ۽ لاڀ جو ادراڪ نه ڪري سگھي. اھڙي وقت تي جڏھن اسانجي اول دستي وارن ڪارڪنن ۽ اسپتالن کي وڌيڪ سھائتا جي ضرورت ھئي ھُنن ھلندڙ ٽن وڏين اسپتالن کي پنھنجي تحويل ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، اھا اڳئي ناڪام ڪوشش ھئي جيڪا ھُنن پھريان به ڪئي ھئي ۽ اسانکي اُميد ھئي ته ان کي ٻيھر ورجايو نه ويندو. اسپتالون جيڪي ھو غيرقانوني طور تحويل ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن اسانجي ڪاميابيءَ جي ساک ڀرين ٿيون. وفاقي حڪومت کي ڄاڻڻ گھرجي ته اسان ماٺ ڪري نه ويھنداسين جڏھن اسانجي اسپتالن جي معيار کي ان سطح تائين ھيٺ آندو ويو جڏھن اُھي انھن کي ھلائيندا ھئا. اسانکي اُميد ھئي ته ننڍڙن ذاتي مفادن کي ڪورونا جي وقت نظرانداز ڪيو ويندو پر اسانکي نااُميدي ٿي آھي. ھن چيو تھ ڪورونا جو خطرو مارچ 2020ع جي مھيني ۾ وڌڻ شروع ٿيو، ان کان اڳ ئي اسان مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ ۾ رکيل ھدفن ۽ ڪيل واعدن جي پورائي لاءِ جدوجھد ۾ رھياسين. شين ۾ تبديلي تڏھن شروع ٿي جڏھن ان وبا ڪرُ کنيو. تنھن ھوندي به رب تعاليٰ جي ڪرم سان اھو ضرور چوڻ گھرجي ته اسان وقتائتي ڦُڙتي ڏيکاري ۽ زندگي توڙي معيشت کي ڪاپاري نقصان کان بچائي ورتوسين. اسان اُميد ۽ دُعا ڪيون ٿا ته اھا اڻوڻندڙ صورتحال تمام جلد ختم ٿي ويندي ۽ اسين ٻيھر ترقي جي راهه تي واپس اچي وينداسين. سنڌ جي وڏي وزير چيو تھ اسان وٽ زرعي معيشت آهي، زراعت اسانجي ملڪ جي معيشت ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. گڏيل قومي پيداوار (جِي ڊي پي) ۾ ان جو 24 سيڪڙو حصو آھي، قومي پيداوار ۾ سنڌ جو چانورن ۾ 36 سيڪڙو، ڪمند ۾ 29 سيڪڙو، ڦُٽين ۾ 34 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ ۾ 15 سيڪڙو حصو آھي. اسان ھارين ۽ صوبي کي خوشحال بڻائڻ لاءِ زرعي اُپت ۾ اضافي جو عزم ڪيون ٿا. ھن چيو تھ بدقسمتيءَ سان ماڪڙ جي حملي جي نتيجي ۾ اسان خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ جي امڪاني خطري کي منھن ڏئي رھيا آھيون ڇو ته ماڪڙ نه صرف اسانجي فصلن لاءِ خطرو آھي پر اسانجي معيشت پڻ داءُ تي لڳل آھي. اسان جي عوام دوست حڪومت ان خطري کي منھن ڏيڻ ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون وٺي رھي آھي. وڏي وزير چيو تھ سنڌ حڪومت خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري (ايف اَي او) طرفان ماڪڙ بابت ڏنل چتائن جن پاڪستان لاءِ ماڪڙ جي شديد خطري بابت ڪيل اڳڪٿي ڪئي کي نظر ۾ رکندي ڊسمبر 2019 ۾ لوڪسٽ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو. اِن اداري ماڪڙ جي ڪٽڪن بابت گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطري جي اڳڪٿي ڪئي. اها اڳڪٿي ان کي ٻن يا وڌيڪ سالن لاءِ شديد خطرو قرار ڏيڻ بابت اڳڪٿي ڪئي وئي. ھن چيو تھ اسان ان خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا، جن ۾ ماڪڙ متاثر علائقن ۾ سروي ۽ اسپري، ھيلپ لائين جو قيام ۽ فيلڊ ٽيمن کي مقرر ڪرڻ شامل آھي. ٽيمن جي تعداد کي 98 تائين وڌايو ويو آھي ۽ انھن ٽيمن ۾ 358 اھلڪار ڪم ڪري رھيا آھن. اسان آگاھي پيدا ڪرڻ لاءِ تشھيري مھم ھلائي ۽ ماڪڙ جي صورتحال تي نظرداري رکڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي سطح جون ڪميٽيون جوڙيون. اسان ماڪڙ جي چئلينج کي منھن ڏيڻ لاءِ ھارين، آبادگارن، سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ايوانِ زراعت سان مسلسل رابطي ۾ آھيون. ھن چيو تھ زراعت کاتو پاڪ فوج، نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي)، پاڪستان رينجرز، پلانٽ پروٽيڪشن کاتو حڪومت پاڪستان، پراونشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميائن سان رابطي ۾ آھيون. ورلڊ بينڪ پڻ ماڪڙ جي خطري کي منھن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ اسان سان رابطو ڪيو آھي. چين جي حڪومت پڻ اسانجي مدد ڪئي آھي ۽ گاڏين تي تنصيب ٿيل 12 ايئر بلاسٽ اسپريئرز فراھم ڪيا آھن.
ھن چيو تھ اسانجي حڪومت گذريل 12 سالن کان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري رھي آھي. صوبي جي عوام اسان تي ٻيھر اعتماد جو اظھار ڪيو ڇوته اسان جمھوريت، انصاف ۽ شفافيت تي يقين رکون ٿا. اسان عوام جي ڀلائي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ قربانيون ڏيندا ۽ پنھنجون سموريون توانائيون ڪتب آڻيندا رھيا آھيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمھوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ پنھنجي جانين جي قرباني ڏني. اسان جي موجوده قيادت پڻ سندن نقشه قدم تي ھلندي سياسي بصيرت جي پوئواري ڪري رھيا آھيون.
وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ھن وقت اسانجو ملڪ ڪووڊ-19 (ڪورونا) جي ڳنڀير چئلينجز کي منھن ڏئي رھيو آھي، ان وقت ڪجھ حلقا مجلس شوريٰ طرفان 2010ع ۾ منظور ڪيل ارڙھين آئيني ترميم جي متن ۾ ڦيرڦار جي معاملي کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. نه صرف ارڙھين ترميم تي بحث ڪيو پيو وڃي، پر اين ايف سي ايوارڊ ۾ ورڇ واري فارمولا تي پڻ سوال اٿاريا پيا وڃن. آءٌ ارڙھين ترميم ذريعي صوبن کي ڏنل خودمختياري جي پاسداري بابت پنھنجي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ گھرندس. ھن چيو تھ 14 آگسٽ 1947 تي اسانجي پياري وطن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ارڙھين ترميم وفاقي حڪومت طرفان صوبائي حڪومتن کي اختيارن جي منتقلي جو ھڪ اھم قدم آھي. اھا ترميم اسانجي پارٽي قيادت جي کاتي ۾ وڃي ٿي. صدر آصف علي زرداري جنھن ملڪ جي محاذ تان قيادت ڪئي ۽ قوم کي ارڙھين ترميم جو تحفو ڏنو. ھن چيو تھ مونکي اھي لفظ چوندي ڪا ھٻڪ نه ٿي ٿئي ته اھي صرف ارڙھين ترميم ھيٺ سنڌ کي ڏنل اختيار ئي ھئا جن تحت سنڌ حڪومت ڪووڊ-19 (ڪورونا) جي حفاظتي اُپاءَ وٺڻ ۾ ملڪ اندر گوءِ کنئي. ترميم صوبن کي ان عالمي ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ عمل جوڳي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ عملي اُپاءَ وٺڻ جي سگھھ ڏني. اختيارن جي ھيٺين سطح تائين عدم منتقلي جي صورت ۾ صوبن کي وفاقي حڪومت جي ھدايتن، رھنمائي ۽ وسيلن کي ڏسڻو پوي ھا جنھن ۾ ترت ڪارروائي نه ٿيڻ جو امڪان ھو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ وڏي تباھي اچي پئي سگھي، پر ارڙھين ترميم اسان کي مدد ڏني ۽ صورتحال ضابطي ھيٺ رھي. وفاقي حڪومت بعد ۾ حفاظتي اُپائن جي آخري مرحلي ۾ صوبن جي ٻانھن ٻيلي ٿي ۽ ھاڻي اسان اُميد ڪري رھيا آھيون ته ڪورونا جا ڪارا بادل جلد ئي ختم ٿي ويندا. اھڙي ريت 18ھين ترميم جي واپسي جي ڳالھھ يا ان ۾ ڪنھن به قسم جي ڦيرڦار صوبن جا اختيار گھٽائي سگھي ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ وفاق پاڻ ڪمزور ٿيندو. ايسيتائين جو وفاق ۽ وفاقي يونٽس وچ ۾ اعتماد جي کوٽ پيدا ٿيندي. اللھ نه ڪري ايئن ٿئي، ان سان عوام لاءِ ڏکيائيون وڌن ۽ صوبائي حڪومتون ٿي سگھي ٿو ته دٻاءُ ۽ مايوسي کي وقت سر گھٽائڻ جي قابل به نه رھن. اسانجي پارٽي قيادت سمجھي ٿي ته 18ھين ترميم ئي ملڪ جي ترقيءَ جو واحد حل آھي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ آھي تھ 2010 ۾ جڏھن اسان اتفاق راءِ تي پھتاسين ۽ پارٽين ارڙھين ترميم جي منظوري ۾ ڪردار ادا ڪيو ته اھو ئي واحد طريقو آھي جنھن سان ننڍن صوبن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو. (“ارڙھين ترميم ۽ وفاقيت” بابت ايل يو ايم ايس، لاھور ۾ 6 مارچ 2020ع تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب).
وڏي وزير چيو تھ اسان اسلامي جمھوريه پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل عوامي حقن جي پاسداري جا پابند آھيون. اسان آئين ۾ پاڪستان جي عوام کي ڏنل صوبائي خودمختياري جي تحفظ جا پڻ پابند آھيون. اسان عوام جي مفاد ۾ 18ھين ترميم بابت پنھنجي اصولي موقف تان نه ھٽنداسين. 2018ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ اسان ھيءَ ٽين بجيٽ پيش ڪري رھيا آھيون. اسانجي پارٽي جي خدمتن ۽ اسانجي قيادت جي بصيرت ۽ قربانين، سنڌ جي عوام کي قائل ڪيو ته اُھي اسانکي ٻيھر حڪومت ۾ آڻڻ لاءِ ووٽ ڏين ته جيئن اسان انھن جي ڀلائي ۽ معيار زندگي کي بھتر بڻائڻ لاءِ پنھنجي ڪوششن کي جاري رکي سگھون. ھن ڳڻتي جوڳي ۽ خراب صورتحال ۾ اسان ھن ايوان آڏو بھتر ۽ متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. اسانکي سرھائي آھي ته اسانجي سرڪاري اھلڪارن عوامي مفادن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آھن پر ان ڏس ۾ اڃا گھڻو ڪجھھ ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسان سرڪاري خدمتن جي فراھمي جو ھڪ نظام جوڙڻ چاھيون ٿا جنھن ۾ صوبي جي عوام کي در جي چانئٺ تي ھر ممڪن سھولت مان لاڀ حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهون.
سال 20-2019ع جا نظرثاني ٿيل ڪاٿا
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ جي بجيٽ ٻين صوبن وانگر گھڻو تڻو وفاقي منتقلين تي ڀاڙي ٿي ڇو ته اُھي صوبائي بجيٽ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿين ٿيون. سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت طرفان ڪيل واعدي تي مدار رکندي پنھنجا ترقياتي ۽ غيرترقياتي پروگرام ۽ ھدف جوڙيا آھن. ان ڏس ۾ کوٽ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي گهرائيءَ سان اثرانداز ٿئي ٿي. مالي سال 20-2019ع ۾ وفاقي حڪومت فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) لاءِ 5.55 کرب رپين جي اوڳاڙي جو ھدف طئي ڪيو، ورڇ جي فارمولا تحت سنڌ حڪومت کي ڪُل 835.3 ارب رپيا وصول ٿيا، جن ۾ ورڇ جوڳي پول تحت 761.0 ارب رپيا، سڌين منتقلين تحت 53.9 ارب رپيا ۽ ختم ڪيل آڪٽراءِ ضلعا ٽيڪس (او زيڊ ٽي) جي نقصانن عيوض معاوضي طور 20.5 ارب رپيا شامل آھن. حقيقي طور وفاقي حڪومت سال جي پُڄاڻي تي ڪُل 606.7 ارب رپين جا نظرثاني ٿيل ڪاٿا ڏنا. جن ۾ ورڇ جوڳي پول مان 534.9 ارب رپيا، سڌين منتقلين ۾ 57.3 ارب رپيا ۽ آڪٽراءِ ضلعا ٽيڪس جي مد ۾ 14.3 ارب رپيا شامل آھن. اھڙي ريت ھلندڙ مالي سال 20-2019ع لاءِ 228.6 ارب رپين جي رقم سان وفاقي منتقلين بابت ڪُل نظرثاني ٿيل ڪاٿن ۾ 27 سيڪڙو کوٽ ڏسڻ ۾ آئي. ھلندڙ مالي سال جي 12ھين مھيني ۾ اسانکي ڪُل 525.1 ارب رپيا وصول ٿيا آھن، جن ۾ ورڇ جوڳي پول تحت 471.0 ارب رپيا، سڌين منتقلين تحت 41.5 ارب رپيا ۽ آڪٽراءِ ضلعا ٽيڪس (او زيڊ ٽي) حصي جا 12.7 ارب رپيا شامل آھن. اھڙي ريت اصل رقم جي مد ۾ اسانکي بجيٽ ڪاٿن کان 240.6 ارب رپيا گھٽ مليا آھن جيڪي 31 سيڪڙو کوٽ ظاھر ڪن ٿا. مالي سال 20-2019ع لاءِ ڪُل صوبائي وصوليون 288.7 ارب رپيا مقرر ڪيون ويون ھيون. ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي صورتحال صوبائي وصولين کي تمام گھڻو متاثر ڪيو. ڪُل اوڳاڙي 210.0 ارب رپين جو امڪان آھي، جيڪا گذريل سال جي اصل اوڳاڙي 194.9 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آھي.
بجيٽ ڪاٿا 21-2020
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ حڪومت پاڪستان ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ فيڊرل بورڊ آف ريوينو لاءِ 4.9 کرب رپيا ھدف رکيو آهي، سنڌ کي اين ايف سي ورڇ واري فارمولي تحت وفاقي منتقلين بابت ٻڌايو ويو آهي. وفاق پاران مالي سال 20-2019 دوران 760.3 ارب رپيا مليا جنهن ۾ 679.7 ارب رپيا ورڇ جوڳي پول، 62.3 ارب رپيا سڌي منتقلين طور ۽ 18.3 ارب رپيا او زيد ٽي کي ختم ڪرڻ جي صورت ۾ ٿيل نقصان جي گرانٽ طور مليا. وفاقي حڪومت جي بجيٽ ڪاٿن ۾ ايندڙ مالي سال 21-2020 دوران مالي سال 20-2019 جي ڀيٽ ۾ 75.1 ارب رپيا گھٽ آهن. اهو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي ته مالي سال21-2020 جي دوران صوبائي وصوليون 313.3 ارب رپيا رهنديون. جيڪي مالي سال20-2019 جي بجيٽ ڪاٿن کان 9 سيڪڙو وڌيڪ آهن. صوبائي وصولين جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ روينيو وصول ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ خودڪار نظام تي پڻ زور ڏنو پيو وڃي. ان کان سواءِ صوبائي وصولين جي نگراني ڪرڻ لاءِ نگراني واري نظام کي پڻ هٿي وٺرائي پئي وڃي. ايندڙ مالي سال 21-2020 جو ڪل بجيٽ ڪاٿو 1.2 کرب رپيا آهي جنهن ۾ موجوده روينيو خرچن جو ڪاٿو 968.9 ارب رپيا آهي. هتي ان ڳالھھ کي اجاگر ڪرڻ ضروري آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ اسان ترقياتي ۽ غير ترقياتي خرچن جي ترجيحن کي ڪووڊ-19 (ڪورونا) جي صورتحال سان مطابقت ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مالي سال 20-2019 جي دوران ڪووڊ 19(ڪرونا) سبب اسان کي مالي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو جنهن سبب پوري ملڪ جيان سنڌ صوبي جي ترقياتي اڳڀرائي وڏي پيماني تي متاثر ٿي. سنڌ حڪومت مالي سال 20-2019 جي دوران ترقياتي خرچن جي ڏس ۾ ڪل 284 ارب رپيا رکيا جنهن ۾ 208.0 ارب رپيا صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام، 20.0 ارب رپيا ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام، 51.0 ارب رپيا پرڏيهي مالي سهڪار جي ذريعي هلندڙ رٿائن، 4.9 ارب روپيا وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ (PSDP)گرانٽ طور رکيا ويا. مالي ڏکائين کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل کاتن پاران مالي سال 2019-20 دوران 425 اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جي اميد آهي، جنهن ۾ مالي سال 19-2018 دوران مڪمل ٿيل 458 رٿائن جي ڀيٽ ۾ 33 رٿائون گھٽ آهن.
ايندڙ مالي سال 2020-21 لاءِ انتظامي کاتن کي اڳ ۾ ئي 2020-21 جي صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ مالي سال 20-2019 سائيز جون ساڳيون ترقياتي تجويزون جوڙڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون، جنهن ۾ 85 سيڪڙو رقم جاري ترقياتي رٿائن ۽ 15 سيڪڙو نئين ترقياتي رٿائن لاءِ رکي وئي آهي. ڪورونا کان بعد واري صورتحال، وفاقي منتقلين ۽ ترقياتي فنڊز ۾ گھٽتائي کي نظر ۾ رکندي مالي سال 21-2020 دوران سنڌ لاءِ ڪل ترقياتي بجيٽ ڪاٿا 232.9 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي جنهن ۾ صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 155.0 ارب رپيا ۽ ضلعي ترقياتي رٿائن لاءِ 15.0 ارب رپيا رکيا پيا وڃن. اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته پرڏيهي سهڪار ذريعي هلندڙ رٿائن (ايف پي اي) هيٺ 54.6 ارب رپيا ۽ 8.3 ارب رپيا وفاق پاران (پي ايس ڊي پي) جي ڏس ۾ سنڌ حڪومت جي نگراني ۾ هلندڙ 10 اسڪيمن لاءِ ملڻ جي اميد آهي. حڪومت پهريان اهو فيصلو ڪيو هو ته مالي سال 2020-21 ۾ تعليم، صحت، سماجي تحفظ، غربت گھٽائڻ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ مالي سال 20-2019 جهڙي ساڳي ترقياتي بجيٽ رکي ويندي. پر غير معمولي حالتن جي دوران صحت لاءِ رکيل بجيٽ کي 13.50 ارب رپين مان وڌائي 23.50 ارب رپيا ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪووڊ-19 (ڪورونا) کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏئي سگھجي. صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019 جي 2705 رٿائن لاءِ 606 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام 21-2020 جي 2209 رٿائن لاءِ ٿروفارورڊ رقم 564.00 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي. مٿين ترجيحي ترقياتي ۽ غيرترقياتي خرچن کي نظر ۾ رکندي اسان جا هيٺيان مقصد آهن. غير ترقياتي خرچن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪفايت شعاري ڪرڻ، صحت جي شعبي لاءِ وڌ ۾ وڌ وسيلا فراهم ڪرڻ، غربت سٽيل ماڻهن جي سماجي تحفظ جي دائري کي وڌائي روڪ رقم جي ذريعي سندن وڌ ۾ وڌ مدد ڪرڻ، شهري توڙي ٻهراڙي جي غريب ۾ غريب ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين کي پائيدار ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ، مالي ڏکائين جي باوجود مالي سال دوران ترقياتي توڙي غيرترقياتي خرچن کي وڌائي تعليمي شعبي جي ترقي تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ، مٿي ڄاڻايل ڪورونا کان پوءِ اڀرندڙ صورتحال کانپوءِ ترقياتي شعبي تي خرچ ڪرڻ خاص طور تي سرڪاري خانگي ڀائيواري واري رٿائن تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ آھي.
ڪورونا سان جڙيل غريب پرور سماجي تحفظ ۽ معاشي پائيداري لاءِ اُپاءَ
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪوووڊ-19 (ڪورونا) پوري دنيا جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي جنهن سان پاڪستان پڻ متاثر ٿيو آهي. ڪورونا بحران آبادي کي سماجي ۽ معاشِي طور تي ٽن طريقن سان متاثر ڪيو آهي. مرض ۽ موت جو تناسب: مرض کي روڪڻ لاءِ اُپاءُ جيئن لاڪ ڊائون، ڪم ڪار/ سفري پابنديون ۽ مرض جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز، مقامي ۽ وائرس وارن علائقن ۾ سخت لاڪ ڊائون شامل آھن. عالمي سطح تي طلب ۾ گهٽتائي، هن بحران جا سماجي ۽ معاشي اثر سڀني شعبن تي پوندا ان باوجود آبادي جي ڪجھ حصن تي ان جا وڌيڪ اثر پوڻ سان گڏوگڏ کاڌ خوراڪ جو عدم تحفظ پيدا ٿيندو. اهي خاندان جيڪي ان مرض ۽ موت جي شرح کي منهن ڏئي رهيا آهن، سيلف آئسوليشن ۽ مقامي لاڪ ڊائون جي اثر هيٺ گھٽ آمدني وارا ڪٽنب، مستقبل جي مرحليوار لاڪ ڊائون جي صورت ۾ روزاني ڏهاڙي ڪمائيندڙ ۽ پاڻ مرادو روزگار حاصل ڪندڙ، عالمي گھرج ۾ گھٽتائي سبب بيروزگار ٿيل پورهيت، ڪورونا کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڻي کاتي ننڍي پيماني تي سماجي اڀياس ڪرايو ته جيئن ڪرونا سبب پيدا ٿيل چئلينجز جو جائزو وٺي معاشي سرگرمين ۽ سماجي تحفظ لاءِ رٿابندي ڪري سگھجي. موجوده صورتحال هر ان شعبي کي متاثر ڪيو آهي جيڪو معاشي اوسر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. معيشت جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ زرعي شعبو بري طرح متاثر ٿيو آهي. ڪورونا کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي سبب بيروزگاري وڌي رهي آهي، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي وارن ڪاروبارن کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ مالي سهڪار جي ضرورت آهي. کاڌ خوراڪ جي تحفظ، مهانگائي ۽ بيروزگاري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي سطح تي معاشي سرگرمين جي همٿ افزائي لاءِ حڪمت عملي جي ضرورت آهي جنهن ذريعي گھريلو ڪاوربار ، ننڍن ۽ وچولن ڪاروبارن، سماجي تحفظ ۽ معاشي پائيداري لاءِ ايندڙ مالي سال2020-21 لاءِ 34.2 ارب روپيا تجويز ڪيا وڃن ٿا.جيڪي هيٺ ڄاڻائجن ٿا؛ سماجي ڀلائي واري کاتي جي سوشل پروٽيڪشن اسٽريٽجڪ يونٽ پاران سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام جي ذريعي ڪووڊ- 19 (ڪورونا) کان متاثر فردن کي مالي سهڪار طور روڪ رقم ڏيڻ لاءِ 20 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ننڍن ۽ وچولن ڪاروبارن لاءِ سافٽ لون پروگرام جي مد ۾ 5 ارب روپيا رکيا پيا وڃن. جنهن ۾ گھٽ ۾ گهٽ 5 لک کان وڌ ۾ وڌ 20 لک روپين تائين قرض ڏنو ويندو. 25 ايڪڙ يا ان کان گھٽ زرعي زمين وارن آبادگارن/ هارين کي معياري چانورن جي فصل جي ٻج جي خريداري لاءِ 1 ارب روپين جي سبسڊي ڏني ويندي. مالي سال 2020-21 دوران 11 ارب روپيا ڪڻڪ تي سبسڊي لاءِ رکيا ويا آهن اها رقم موجوده مالي سال 2019-20 جي لاءِ رکيل 5 ارب روپين مان وڌائي 11 ارب ڪئي وئي آهي. 25 ايڪڙ يا ان کان گھٽ زرعي زمين جي مالڪ هارين/ آبادگارن کي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ هڪ ارب روپيا رکيا ويا آهن. 25 ايڪڙ يا ان کان گھٽ زرعي زمين جي مالڪ هارين/ آبادگارن کي زرعي جيت مار دوائن تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ 1 ارب روپيا رکيا ويا آهن. سماجي ڀلائي واري کاتي جي سوشل پروٽيڪشن اسٽريٽجڪ يونٽ ذريعي شهري علائقن ۾ سمال بزنس سپورٽ فنڊ لاءِ 3 ارب روپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ 2 لک روپين تائين قرض ڏنو ويندو. ٻهراڙي جي علائقن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ننڍن هارين کي قرض فراهم ڪرڻ جي مد ۾ 2 ارب روپيا تجويز ڪيا پيا وڃن جنهن ذريعي هارين کي 25 هزار روپيا قرض طور ڏنا ويندا جنهن لاءِ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، ٿر ديپ ۽ ٻين اين جي اوز پاران غربت جي گھٽتائي لاءِ اسڪور ڪارڊ جي مدد ورتي ويندي. اهو ڪم سماجي ڀلائي واري کاتي جي سوشل پروٽيڪشن اسٽريٽجڪ يونٽ ۽ ڄاڻايل اين جي اوز جي سهڪار ذريعي سرانجام ڏنو ويندو. سيڙپڪاري کاتي جي ذريعي ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ مختلف رٿائن جي شروعات انڪيوبيٽر، ايڪسيليٽرز جي مد ۾ 50 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. سيڙپڪاري کاتي ۽ آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جي صلاح مشوري سان انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ذريعي جدت آڻڻ لاءِ 70 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. لائيواسٽاڪ ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ ذريعي چوپائي مال جي پالنا لاءِ 50 ڪروڙ روپيا تجويز ڪيا ويا آهن.
صحت
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ صحت جي شعبي لاءِ ٽئين وڏي شعبي طور موجوده روينيو ترقياتي خرچن جي مد ۾ مالي سال 20-2019 ۾ 120 ارب روپيا رکيا ويا، جن ۾ پرڏيهي پروجيڪٽ اسسٽنس جا 15.5 ارب رپيا شامل آهن. ايندڙ مالي سال 21-2020 جي روينيو خرچن ۾ ڪل 139.1 ارب رپيا رکيا پيا وڃن. جنهن ۾ 23.5 ارب رپيا ترقياتي رٿائن لاءِ آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسان محسوس ڪيون ٿا ته اسان کي ڪووڊ-19 (ڪورونا) کانپوءِ واري پيدا ٿيندڙ صورتحال کي سمجھڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪهڙي نموني اسان کي زندگيون بچائڻ لاءِ تياري ڪرڻ ۽ ترت اُپائن وٺڻ جي ضرورت آهي. ان مقصد اسانکي صحت کاتي جي ڪاروهنوار جو ڳوڙهي نموني جائزو وٺڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال21-2020 لاءِ صحت کاتي جي ڪجھ اهم ترقياتي اُپائن تي روشني وڌي وڃي ٿي: صحت کاتي جي بجيٽ ٻن اهم جزن ۾ ورهايل آهي جيڪي هيلٿ سروسز ۽ ميڊيڪل ايجوڪيشن آهن. مالي سال 20-2019 جي دوران صحت کاتي جي بجيٽ ۾ 120.486 ارب روپيا رکيا ويا جن کي مالي سال 21-2020 ۾ 139.178 ارب رپين تائين وڌايو ويو آهي. مالي سال 21-2020 ۾ صحت کاتي جي ورٽيڪل پروگرامن جي لاءِ 7 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن ذريعي پوليو، ٽي بي، ايڊز، ليڊي هليٿ ورڪر پروگرام، ڪاري ڪامڻ تي ضابطو، مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن. مالي سال 21-2020 جي دوران انهن پروگرامن کي ترقياتي پروگرامن مان ريگيولر بجيٽ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. انهن پروگرامن ۾ سنڌ ۾ ٽي بي تي ضابطي آڻڻ لاءِ 559.4 ملين رپيا، مختلف کاتن بشمول صحت ۾ غذا جي کوٽ ۽ ٻارن ۾ واڌ ويجھھ جي عمل ۾ گھٽتائي جي ايڪسيليريٽيڊ ايڪشن پلان پروگرام لاءِ 5.5 ارب رپيا، ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام لاءِ 1.2 ارب رپيا، ڪاري ڪامڻ جي روڪٿام ۽ ضابطي لاءِ 1.9 ارب رپيا، ميٽرنل ۽ چائلڊ هيلٿ پروگرام سنڌ لاءِ 267.9 ملين رپيا، اي پي آءِ پروگرام سنڌ لاءِ 2.3 ارب رپيا، ڪراچي جي نيپا واري علائقي ۾ وبائي مرضن تي ضابطي لاءِ 200 بسترن تي مشتمل اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپيا، نئين مڪمل ڪيل 22 اسپتالن، صحت سهولتن جي اپگريڊيشن ۽ فعال ڪرڻ لاءِ ھڪ ارب رپيا، لياري جنرل اسپتال ۾ صحت جي شعبي ۾ خدمتن ۾ سڌاري ۽ اپگريڊيشن لاءِ 234.6 ملين رپيا، سنڌ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي صحت جي ادارن جي سنڌ حڪومت تحويل ۾ وٺڻ ۽ انهن جي سارسنڀال لاءِ 521.1 ملين رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ هلندڙ مالي سال 20-2019 دوران انڊس اسپتال ڪراچي لاءِ 4 ارب رپيا اسپيشل گرانٽ طور رکيا ويا. جنهن مان 2 ارب رپيا موجوده ڪمن ڪارين ۽ 2 ارب رپيا انڊس اسپتال جي توسيع لاءِ رکيا ويا آهن. سنڌ ۾ موجود صحت جي ادارن لاءِ پلانٽ ۽ مشينري جي خريداري جي مد ۾ 1.5 ارب رپيا ۽ اسپتالن اندر فرنيچر فڪسچر جي خريداري لاءِ 250 ملين رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي لاءِ 5.1 ارب روپيا، ايس آئي سي وي ڊي (لياري ڪراچي، لاڙڪاڻو، سيوهڻ، حيدرآباد، سکر، ٽنڊو محمد خان، شهيد بينظيرآباد، خيرپور، مٺي ۽ ڪراچي) لاءِ 5.1، صحت کاتي جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ لاءِ 2.5 ارب روپيا، سنڌ حڪومت پاران انتظام هيٺ ورتل انسٽيٽيوٽ آف پير عبدالقادر شاھ جيلاني گمبٽ لاءِ 3.6 ارب رپيا، حيدرآباد ۾ اکين جي اسپتال لاءِ 300 ملين رپيا، جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز لاءِ 600 ملين رپيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر ڪراچي لاءِ 1.7 ارب رپيا، شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز لاءِ 300 ملين رپيا، ايس آئي يو ٽي لاءِ 5.6ارب رپيا، پي پي ايڇ آئي سنڌ لاءِ 6.5 ارب رپيا، اين آئي بي ڊي لاءِ 500 ملين رپيا، چائلڊ لائف فائونڊيشن لاءِ 900 ملين رپيا، انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن اينڊ ريهيبليٽيشن ڪراچي لاءِ 100 ملين رپيا ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪراچي لاءِ 365 ملين رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ هيلٿ ڊپارٽمينٽ سيڪريٽريٽ ۾ صحت جي سرگرمين جي لاءِ گرانٽ-ان-ايڊ تجويز ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنڌ ۾ پوليو ورڪرز جي معاوضي لاءِ 312 ملين رپيا، ڪڊني سينٽر ڪراچي لاءِ 200 ملين رپيا، بلڊ ڪينسر جي مريضن جي دوائن لاءِ 431.1 ملين رپيا، سنڌ ۾ ٿيليسيما جي علاج لاءِ 160 ملين رپيا، اي اين ايف ( ايم اي ٽي آر سي) سينٽر (ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر) لاءِ 73.6 ملين رپيا، ڪراچي ۽ سکر ۾ ڪيميڪو بيڪٽريو لاجيڪل ليبارٽري کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ 80 ملين رپيا، ڪينسر فائونڊيشن جي لاءِ 100 ملين رپيا، ٻين ڪينسر بيمارين جي سي ايم ايل منصوبي جي توسيع لاءِ 383.8 ملين رپيا، سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ ڊائلاسس جي سهولت لاءِ 150 ملين رپيا، فاطميد فائونڊيشن سنڌ لاءِ 100 ملين رپيا، ايڇ آئي وي ايڊز مريضن جي ڀلائي لاءِ انڊونمينٽ گرانٽ جي مد ۾ ھڪ ارب رپيا، نمرا ڄامشورو جي لاءِ 121.1 ملين رپيا، سول اسپتال ڪراچي ۾ نگهبان سرجيڪل يونٽ لاءِ 100 ملين رپيا، پيشينٽ ويلفيئر ايسوسيئيشمن ڪراچي لاءِ 150 ملين رپيا، اسلام ڪوٽ ۾ اسپتال جي تعمير جي لاءِ ٿر فائونڊيشن کي 250 ملين رپيا ۽ هيپاٽائيٽس بي ويڪسين (ڄمڻ وقت ڊوز ) جي خريداري لاءِ 183.6 ملين رپيا رکيا ويا آهن.
اسڪل ڊولپمينٽ ۽ روزگار پيدا ڪرڻ
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت 09-2008 ۾ بينظيرڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ جي نالي سان هڪ ميگا هنرمند سکيا جو پروگرام شروع ڪيو ان جي ڪاميابي ۽ هنر حاصل ڪرڻ لاءِ تربيت جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پروگرام کي بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ بورڊ ايڪٽ 2013 طور مستقل شڪل ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ٻارنهن سالن جي تجربي دوران ان بورڊ لڳ ڀڳ 404,235 نوجوانن کي سکيا ڏني جنهن ۾ 2 لک 26 هزار 372 مرد ۽ هڪ لک 77 هزار 863 عورتن کي سرڪاري ۽ خانگي شعبي ذريعي روزگار لائق هنرن جي سکيا ڏني وئي. 44 سيڪڙو تربيت وٺندڙ عورتن مان 13 سيڪڙو نوڪري حاصل ڪئي ۽ ان مان وڏو انگ خود روزگار سان پڻ لڳو. جڏهن ته هنري سکيا حاصل ڪندڙن جو وڏو انگ پاڻ مرادو روزگار سان لڳي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 دوران سرڪاري ۽ خانگي شعبي ذريعي 25,000 نوجوانن کي روزگار لائق مختلف هنرن ۾ سکيا ڏني ويندي. جن ۾ مصنوعي ذهانت، ڊرپ ايريگيشن، واٽر ٽريٽمنٽ اينڊ پيوريفڪيشن شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت پاران تربيت مفت فراهم ڪئي وڃي ٿي ۽ سڀ خرچ پڻ برداشت ڪرڻ سان گڏ هر تربيت حاصل ڪندڙ کي 2500 روپيا مهينو وظيفو پڻ ڏنو وڃي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ هلندڙ مالي سال 20-2019 دوران سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) سنڌ ۾ 26 ادارن کي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ اختيار ڏنا آهن. اٿارٽي ٻيا اُپاءَ پڻ ورتا جنهن ۾ 600 عورتن کي مالي طور خودمختيار بڻائڻ لاءِ تربيت فراهم ڪرڻ، 33 استادن جي ڪاروباري تربيت، آئي بي اي ڪراچي جي سهڪار سان 1600 نوجوانن جي تربيت ۽ 50 ادارن ۾ چٽا ڀيٽي جي بنياد تي تربيت فراهم ڪرڻ کي متعارف ڪرائڻ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ مالي سال 21-2020 دوران اسٽيوٽا لاءِ مختلف ٽارگيٽ مقرر ڪيا ويا آهن جن مان ڪجھھ هن ريت آهن، ڪووڊ- 19 (ڪورونا) صورتحال جي حوالي سان 70 هزار نوجوانن کي تربيت ڏيڻ، اين اي وي ٽي ٽي سي جي سهڪار سان 24 ادارن ۾ ڪامياب جوان هنرمند پاڪستان پروگرام تي عملدرآمد ۽ سکيا جي جديد نظام تي عملدرآمد ڪرائڻ شامل آهن.
تعليم
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ تعليم هميشه سنڌ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل رهي آهي اسان سڀني شهرين لاءِ مساوي جامع ۽ معياري تعليم لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا ته جيئن هو پنهنجون ڀرپور صلاحيتون استعمال ڪندي معاشرتي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور استعمال ڪرڻ سان گڏ شهرين ۾ هڪ قوم هئڻ جو احساس پيدا ٿئي، برداشت، سماجي انصاف ۽ جمهوريت جهڙن لاڙن ۽ قدرن کي هٿي ملي سگھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ تعليمي ۽ تدريسي انتظامن کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ، تعليم جو معيار وڌائڻ، تعليمي ادارن ۾ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي کي 2016 ۾ ٻن کاتن ۾ ورهايو ويو جن ۾ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ( ايس اي ايل ڊي) ۽ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ( سي اي ڊي) شامل آهن. ان ورهاست سان اسان کي لاڳاپيل ڌرين جي ضرورتن ۽ خواهشن جي بهتر سمجھھ ۽ انتظامي معاملن کي ننڍي سطح تي سمجھڻ جو موقعو مليو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ تعليمي شعبي جي بجيٽ کي 244.5 ارب رپين تائين وڌايو ويو آهي. جيڪو مالي سال 20-2019 دوران 212.4 ارب رپيا هو. مالي ڏکيائين باوجود اسان موجوده روينيو بجيٽ ۾ 25.2 سيڪڙو واڌارو آندو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 21.1 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي. جنهن مان 397 جاري ۽ 11 نئين پر غير منظور اسڪيمون شامل آهن. 3.1 ارب رپيا پرڏيهي سهڪار تحت صوبائي ترقياتي بجيٽ کان الڳ رکيا ويا آهن. اسڪول ايجوڪيشن ۽ خواندگي کاتي لاءِ کاتي جي 265 جاري ۽ چئن نئين اسڪيمن لاءِ 13.2 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن مان اڪثر اسڪيمون پرائمري کان سيڪنڊري تائين سرڪاري اسڪولن جي اپگريڊيشن، اسڪولن جي بحالي ۽ سڌاري، فرنيچر سميت بنيادي ۽ کٽل سهولتن جي فراهمي، خطرناڪ قرار ڏنل اسڪول جي عمارتن جي ٻيهر تعمير شامل آهن. ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سالياني ترقياتي پروگرام 21-2020 ۾ 67 جاري ۽ ٻن نئين اسڪيمن لاءِ 3.71 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ يونيورسٽيز ۽ بورڊز لاءِ 3.3 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪا رقم سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي بنيادي تعليمي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ نئين تعليمي سهولتن جي تعمير تي خرچ ڪئي ويندي. تعليم جي شعبي جي ٽن سطحن جي درجابندي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن، ڪاليج ايجوڪيشن ۽ هائير ايجوڪيشن (يونيورسٽي ۽ پيشيوراڻه تعليم) شامل آهن.
اسڪول ايجوڪيشن
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسڪول سطح تي تعليم جي اهميت کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، هن اسٽيج تي ٻار جي سکيا، رهنمائي، اخلاقي تربيت، سماجي قدرن، روايتن، مذهب ۽ سماجي رويي کي سمجھڻ جي ضرورت هوندي آهي. شروعاتي تعليم وقت جي اهم ضرورت آهي ڇو ته مضبوط بنياد ذريعي ئي ٻار کي معاشري جو هڪ ڪارآمد فرد بڻائي سگھجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت پنهنجي محدود وسيلن مان اسڪول ايجوڪيشن لاءِ رقم فراهم ڪري ٿي. ان کان علاوه عالمي سهڪار ادارا پڻ سنڌ ۾ معياري تعليم جي سڌاري لاءِ پڻ مدد ڪن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت جي 2019 جي اسڪول انگ اکرن موجب پرائمري ۾ 2473693 شاگردن جي داخلا هئي جن ۾ 1523250 شاگرد ۽ 950443 شاگردياڻيون شامل آهن. مڊل اسڪولن جي 690528 داخلا مان 433550 شاگرد ۽ 256978 شاگردياڻيون شامل آهن. سيڪنڊري سطح تي ڪل داخلا 382558 آهي جنهن مان 248398 شاگرد ۽ 134160 شاگردياڻيون آهن. هائير سيڪنڊري سطح تي ڪل 129118 داخلا مان 90304 شاگرد ۽ 38814 شاگردياڻيون آهن. اسڪول سطح تي ڪل داخلا 4561140 آهي جن مان 2812000 شاگرد ۽ 1749140 شاگردياڻيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت ضرورتن ۽ ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ ڪيترائي انڊيڪيٽرز اختيار ڪيا آهن اهي اينڊيڪيٽرز ضرورتن کي سمجھڻ ۽ انهن لاءِ وسيلا ڪتب آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ ھڪ ارب رپيا ايجوڪيشن مئنيجمنٽ آرگنائيزيشن (اي ايم اوز) لاءِ رکيا ويا آهن. جنهن جي ذريعي مختلف اسڪولن جي انتظام ڪاري اي ايم اوز حوالي ڪئي ويندي. ان کانسواءِ فرنيچر ۽ فڪسچر جي خريداري لاءِ 6.6 ارب رپيا، عالمي امدادي ادارن ذريعي نئين سرگرمين لاءِ 6.1 ارب رپيا، مفت نصابي ڪتابن لاءِ 2.3 ارب رپيا، اسڪول مئنيجمنٽ ڪميٽين کي اسڪولن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ 1.8 ارب رپيا، اسڪول جي عمارتن جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 5 ارب رپيا، ڪووڊ-19 (ڪورونا) لاءِ اُپاءَ وٺڻ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 480 ملين رپيا ۽ سنڌ حڪومت پاران پابندي مڙهيل تنظيمن جي تعليمي اثاثن جون واڳون سنڀالڻ لاءِ مالي سال 21-2020 جي بجيٽ ۾ 663.4 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ مالي سال 20-2019 دوران اسڪول ايجوڪيشن جي ڪارنامن ۾اسڪولن جي پروفائلنگ، 29 ضلعن جي 1606 پرائمري، ايليمنٽري ۽ هائي اسڪولن کي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ، ايندڙ مالي سال کان پي پي پي نوڊ ذريعي 15 انگلش ميڊيم ۽ 6 ڪمپريهينسو اسڪولن کي اسڪول مئنجيمنٽ آرگنائيزيشن( اي ايم اوز) ذريعي گرائونڊ ورڪ، 9 ضلعن جي وڌيڪ 10 انگلش ميڊيم ۽ 9 ڪمپريهينسو اسڪولن کي سائنس، آئي ٽي ليب، لائبريري ۽ ٻين سهولتن سان مڪمل ڪرڻ، 2000 نوان چائلڊ هوڊ ڪيئر اينڊ ايجوڪيشن ڪلاس روم قائم ڪرڻ، 2500 ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن ٽيچرز جي تربيت ۽ ضلعي توڙي تعلقي سطح تي سڀني اسڪولن کي 4.93 ملين نصابي ڪتابن جا سيٽ ڏيڻ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 لاءِ مختلف ٽارگيٽ رکيا ويا آهن جن ۾ 35 موجوده اسڪولن ۾ بنيادي گھربل ضرورتن جهڙوڪ: سولر سسٽم، آئي ٽي /سائنس ليبارٽريون ۽ آڊيٽوريم قائم ڪرڻ شامل آهن. پوسٽ پرائمري کانپوءِ اسڪولن ۾ داخلا وڌائي لڳ ڀڳ 181047 ڪرڻ، 300 اسڪولن ۾ ايس اي ايف سمارٽ ٽيچنگ اينڊ لرننگ پروگرام، يو اين ڊي پي جي سهڪار سان 15000 نوجوانن کي روزگار ڏيڻ ۽ بااختيار بڻائڻ، 10 اسڪول ترجيحي بنيادن تي قائم ڪرڻ جي رٿابندي، ايس اي ايف سبسڊي ماڊل تحت 10 سالن واري عرصي دوران لڳ ڀڳ 5 هزار اسڪولن کي سٽيزن فائونڊيشن جي ذريعي ترقي ڏيارڻ ۽ انتظام سنڀالڻ کان سواءِ 4.79 ملين نصابي ڪتابن جا سيٽ جيڪي 239.4 ملين نصابي ڪتاب ٿين ٿا اهي صوبي جي سڀني ضلعن جي شاگردن کي فراهم ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ جي آءِ ايس مشق ذريعي يونين ڪائونسل سطح تي صوبي جي 1800 اهم ۽ مرڪزي اسڪولن خاص طور تي ڇوڪرين جي اسڪولن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪلسٽر اسڪول نظام مڪمل ڪيو پيو وڃي. اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ٻه ڪلوميٽر دائري ۾ ايندڙ اسڪولن جي نشاندهي ڪئي آهي، لڳ ڀڳ 3200 سيل اسڪول جي نشاندهي ڪئي وئي آهي اهي سيل اسڪول (Cell Schools) مالي ۽ انتظامي اختيارن سان مختلف ذميواريون ادا ڪندا.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن لاءِ ھلندڙ مالي سال 20-2019 ۾ ساڍا 9 ارب روپيا رکيا ويا هئا ايندڙ مالي سال 21-2020 لاءِ پڻ ساڳي رقم مختص ڪئي ويندي. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وٽ هينئر 4 لک 50 هزار شاگرد داخل آهن، جڏهن ته ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ 5 لک 50 هزار تائين انرولمينٽ وڌڻ جي اُميد آهي. ان کان علاوه فائونڊيشن ۾ 200 نوان اسڪول ۽ 200 نوان ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽرز شامل ڪيا ويندا. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ حڪومت جو اهم ادارو آهي جيڪو 23 سئو کان وڌيڪ اسڪول هلائي رهيو آهي. اهي اسڪول صوبي جي ٻهراڙي جي ڏورانهن علائقن ۾ پکڙيل آهن سيف (SEF) وٽ تقريبا اڌ ملين کان وڌيڪ شاگردن جي انرولمينٽ آهي. جيتوڻيڪ سال 20-2019 کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي پروگرامن ۽ پاليسين کي مضبوط ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ وقف ڪيو ويو هو، فائونڊيشن صوبي ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بنائڻ لاءِ ان سان لاڳاپيل اسڪولن ۽ تربيتي مرڪزن ۾ تعليم جون معياري خدمتون ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان کان علاوه 20-2019 ۾ پوسٽ پرائمري (Post Primary) اسڪولن جو انگ 470 تائين وڌايو ويو آهي جن ۾ تقريباَ هڪ لک 64 هزار 5 سئو 88 شآگردن جي انرولمينٽ آهي.
ڪاليج ايجوڪيشن
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ صوبي ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي هيٺ 146 بوائز ڪاليج، 131 گرلز ڪاليج ۽ 50 گڏيل تعليم وارا ڪاليج (Co-Education) آهن. جن ۾ ڪل 4 لک 36 هزار 9 سئو 80 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي انرولمينٽ آهي. ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي پس منظر ۾ ڪاليج ايجوڪيشن هلائڻ لاءِ کاتو فاصلاتي تعليمي پروگرام شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي جنهن تحت ڪمپيوٽر ليبارٽريون قائم ڪيون پيون وڃن ۽ مرڪزي تدريسي (Centralized Teaching) نظام جوڙيو پيو وڃي ته جيئن ويب سروسز جهڙين خدمتن کي استعمال ڪري سگهجي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ 451 ملين روپيا رکيا ويا آهن ان کان علاوه اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي جي انڊوومينٽ فنڊ لاءِ 3 سئو ملين روپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته گورنمينٽ ڪاليج فار انفارميشن ٽيڪنالاجي گروننگر حيدرآباد لاءِ 30 ملين روپيا رکيا ويا آهن. سماجي وِٿي جي ڪري چرپر تي پابندي ضروري بڻجي وڃي ٿي. ڪووِڊ-19 (ڪورونا) اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي پڻ متاثر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ گهڻين ئي حڪمت عملين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ۽ دنيا جي اڳواڻي ڪندڙ تعليمي حل ڏيندڙ ادارن سان رابطو ڪيو پيو وڃي ته جيئن عمل جوڳي حل جي نشاندهي ڪري سگهجي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪاليج جي شاگردن لاءِ سنڌ حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا مقابلا ۽ نمائشون لڳائڻ لاءِ پڻ رٿابندي ڪئي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا اعليٰ پروجيڪٽس ٺاهيندڙ شاگردن کي انعامن سان نوازيندي.
يونيورسٽيون ۽ بورڊ
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم ۽ تحقيق جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. هلندڙ مالي سال 20-2019 ۾ گرانٽ ان ايڊ تحت پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين کي مناسب فنڊز جاري ڪيا آهن، تعليمي بورڊز کي شاگردن جي امتحاني فيس ڀرڻ لاءِ فنڊز ڏنا ويا هئا جڏهن ته اڳ ۾ شاگردن کي امتحان جي فيس ڏيڻي پوندي هئي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ بينظيرڀٽو شهيد چيئر پروجيڪٽ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ مڪمل ٿيڻ جي توقع آهي. ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ يونيورسٽين لاءِ گرانٽ ان ايڊ جي مد ۾ 5 ارب روپيا، تعليمي بورڊن لاءِ 2 ارب روپيا ۽ 1.2 ارب روپيا پوزيشن ماڻيندڙ/ اي ون گريڊ کڻندڙ شاگردن جي اسڪالرشپ جي مد ۾ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان کان علاوه 392 ملين رپيا مختلف ڪيڊٽ ڪاليجن ۽ 259 ملين رپيا مختلف پبلڪ اسڪولن لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته “پروگرام فار رزلٽ” (Program for Results) تحت ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن جي حوصله افزائي لاءِ 50 ملين روپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تعليمي نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ جوڳيون ڪوششون ورتيون پيون وڃن. اڪثر يونيورسٽيس آن لائين ڪلاس شروع ڪرڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ان کانسواءِ ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جا اثر روڪڻ لاءِ هيٺيان قدم کنيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽرن ۽ صحت جي عملي (Health care Workers) لاءِ ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي آن لائين تربيت جا ڪورس شروع ڪري ڇڏيا آهن. يونيورسٽي جي پيٿالاجي شعبي جي پي ايم سي (JPMC)کي ليول ٿري ڪورونا ليبارٽري جي قيام لاءِ فني مدد فراهم ڪئي آهي. اها ليبارٽري 20 اپريل 2020 کان متحرڪ آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنسز ڄامشورو 400 پي سي آر ڪٽس (PCR Kits) خريد ڪيون آهن ۽ ڪرونا جي شڪي مريضن کي مفت ٽيسٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هينئر يونيورسٽي جي ڊائگنوسٽڪ ۽ ريسرچ ليبارٽري روزانو هڪ هزار کان 6 هزار ٽيسٽ جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. ان ليبارٽري تحت ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان پاران منظور ڪيل ڪونويليسنٽ پلازما-19 جمع ڪرڻ جو تجربو شروع ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي پاران ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي ترتيب تي ڪم جاري آهي ته جيئن وبا ۾ ٿيندڙ تبديلين جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. جيڪا ڪرونا وائرس خلاف ويڪسين جي تياري ۾ يونيورسٽي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان پنجواڻي سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن يونيورسٽي آف ڪراچي ۾ روزانو 800 ٽيسٽن جي صلاحيت رکندڙ ليبارٽري قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ شهيد بينظيرڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظيرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سينيٽائيزر جون بوتلون تيار ڪري اسپتالن ۽ ضلعي انتظاميه جي آفيسن ۾ ورهايون آهن. قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي نوابشاهه واڪ ٿرو گيٽ تيار ڪري شهر جي مختلف تنظيمن ۽ سول اسپتال کي عطئي طور ڏنا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ شهيد بينظيرڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو آريجا ڪيمپس ۽ لاڙڪاڻو ڪيمپس ۾ ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي شڪي ۽ مرض ۾ مبتلا مريضن لاءِ ڪورنٽائين/آئسوليشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. ڪورونا ورتل مريضن جي علاج لاءِ يونيورسٽي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو جي اونڪولاجي وارڊ ۾ 22 بسترن تي ٻڌل آءِ سي يو جي قيام ۾ سهڪار فراهم ڪيو.
زراعت
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسانجي زراعت وارو شعبو هن سال ٻٽي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڪورونا بحران کانسواءِ سنڌ جي اقتصادي افق تي ماڪڙ جي حملي جو خطرو لامارا ڏئي رهيو آهي. خريف 2020 جي فصل ۾ 3 لک 3 هزار هڪ سئو 9 ٽن جي پيداوار جو نقصان پوڻ جو انديشو آهي، جڏهن ته سال 2020 جي ربيع جي فصل ۾ اٽڪل 3 لک 40 هزار 77 ٽن جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ان سگهاري قدرتي آفت واري صورتحال جي باوجود سنڌ حڪومت زراعت جي شعبي جي حالت بهتر ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ مالي سال 20-2019 ۾ مختص ڪيل 10.6 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ مجموعي بجيٽ ۾ 14.8 ارب روپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ماڪڙ جي خاتمي لاءِ فيلڊ ٽيمن جو انگ وڌايو ويندو ته جيئن شعبي جي بهتري لاءِ ورتل اُپائن جي بهتر نموني نگراني ۽ آپريشن کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. ماڪڙ جي خاتمي واري آپريشن کي موثر ڪرڻ لاءِ گاڏين جو انگ وڌايو پيو وڃي. گاڏين/ٽريڪٽر تي لڳل سولو پاور اسپريئرز ۽ هينڊ اسپريئرز جي انگ ۾ پڻ واڌ ڪئي پئي وڃي ته جيئن ماڪڙ جي لوڌ جو مقابلو ڪري سگهجي. فيلڊ ٽيمن کي جي پي ايس (GPS)اوزار ڏنا ويندا ته جيئن نگراني جي انگن اکرن جي درستي ۽ ماڪڙ تي ضابطي آڻڻ واري آپريشن جي صلاحيت وڌائي سگهجي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اقتصادي ڦيٿي کي روان رکڻ، ان کي مضبوط ڪرڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ مختلف گهربل اُپاءَ ورتا ويا آهن ان سلسلي ۾ اهم اُپائن ۾ هن وقت زبون حالي جو شڪار مشينري جي مرمت لاءِ 440 ملين رپيا رکيا ويا ته جيئن بهتر پيداوار حاصل ڪري سگهجي. 110 ملين روپيا واٽرڪورسز جي مرمت ۽ سارسنڀال لاءِ رکيا ويا آهن. سنڌ جي مختلف ورڪشاپن ۾ لکين رپين جي مشينري زبون حالت ۾ پيل آهي. ان مشينري جي مرمت/استعمال جوڳو بڻائڻ لاءِ 200 ملين روپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ عالمي بينڪ جي سهڪار سان زراعت واري شعبي ۾ ڊي ايل آءِ (DLI) بنياد تي غذائي کوٽ ۽ واڌ ويجهه جي عمل جي گهٽتائي جي خاتمي لاءِ ايڪسيلريٽيڊ ايڪشن پلان وارو پروگرام هلي رهيو آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت 450 ملين رپيا رکيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سالياني ترقياتي پروگرام 21-2020 ۾ زراعت، خوراڪ، ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت ۽ چوپائي مالي ۽ ماهيگيري جي 73 اسڪيمن لاءِ مجموعي طور زراعت کاتي لاءِ 5.5 ارب روپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. صوبائي ترقياتي بجيٽ وسيلن کان علاوه زراعت لاءِ پرڏيهي امداد تحت 8.1 ارب روپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ عالمي بينڪ جي سهڪار سان جاري سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجيڪٽ (چوپائي مال وارو حصو) وٽ 2.6 ارب روپين جي سيڙپڪاري موجود آهي جنهن تحت 60 ملڪ چلر ۽ ٽنڊي ڄام ۾ آرٽيفشل انسيمينيشن ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ جون رٿائون شامل آهن. جڏهن ته ان پروجيڪٽ تحت برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر 78 وٽرنري انسٽيٽيوٽس جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. زراعت جي ٻنهي ماتحت شعبن ۾ غذا جي کوٽ جي خاتمي لاءِ ايڪسلريٽيڊ ايڪشن پلان تحت 7.5 ارب روپين جي وڏي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ هلندڙ مالي سال 20-2019 ۾ زراعت واري شعبي اهم هدف حاصل ڪيا آهن، جن ۾ بصرن، ڀينڊي، چانور ۽ انبن جون مختلف جنسون پيدا ڪرڻ، ليبارٽري ۾ ٽشو ڪلچر ٽيڪنالاجي جي ذريعي 9 هزار ننڍن ٻوٽن جي پيداوار شامل آهن، جيڪي آبادگارن کي رعائيتي اگهن تي فراهم ڪيا ويا. معياري ٻجن جي پيداوار ڪئي وئي. 23 هزار 9 سئو 49 مٽي جي نمونن ۽ پاڻي جي 7 هزار 91 نمونن جو تجزيو ڪيو ويو ته جيئن ان جي ذرخيزي ۽ موزونيت بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي، صوبي ۾ 22 ايگرو ميڪ ٽيڪنالاجي سروس سينٽر قائم ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 لاءِ پڻ زراعت جي شعبي لاءِ هدف مقرر ڪيا ويا آهن، جن مان ڪجهه اهم هن ريت آهن. ٽراپيڪل فروٽس جي پوک کي هٿي وٺرائڻ، ڪڻڪ ۽ چانور جي فصلن ۾ زنڪ جي گهٽتائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بائيو فورٽيفڪيشن ٽيڪنالاجي پروجيڪٽ جو آغاز، سنڌ انسٽيٽيوٽ فار بائيوٽيڪنالاجي اينڊ جينيٽڪ انجنيئرنگ قائم ڪرڻ، آرچرڊ نيوٽرنٽ مينيجمينٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ميرپورخاص ۾ سوائل مائيڪرو بايوسپي اينڊ مائڪرو نيوٽرنٽ ريسرچ ليبارٽري قائم ڪرڻ، ڪپهه وڌيڪ اپايو مهم شروع ڪرڻ، انب جي باغن ۽ سبزي فارم جي ڪڙمين جي لاءِ ٿيندڙ هارٽيڪلچر جي پيداوار جي نقصان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪولڊ چين مينيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ، هارين کي رعايتي اگهن تي سولر پمپس ۽ سولر ٽيوب ويل فراهم ڪرڻ، سالياني ترقياتي پروگرام ۾ رين فيڊ واٽر ريزروائرز ان باراني ايرياز آف سنڌ تحت پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي 50 ٽينڪ تعمير ڪرڻ، بهتر اپت حاصل ڪرڻ لاءِ ماڊرن ايگرو هائيڊرولاجيڪل ٽيڪنڪس پروجيڪٽ جو آغاز شامل آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ ۾ نيون فروٽ اينڊ ويجيٽيبل مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي رٿابندي پڻ ڪئي وئي آهي. عالمي بينڪ جي سهڪار سان صوبي ۾ سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي هن پروجيڪٽ تحت ضلعن ۾ کجي، مرچ، چانور ۽ بصرن جي فصلن وارن علائقن ۾ اوزار ۽ مشينري ورهائي وئي آهي. سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجيڪٽ تحت آبادگارن ۾ ويليو ايڊيشن لاءِ مختلف قسم جا زرعي اوزار ورهائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي جنهن 400 پيڊي ٿريشر 400 روٽاويٽرز 500 ٽريڪٽر ٽراليون، 500 آٽو لوڊرز ۽ 20 هزار بيٽري آپريٽيڊ پاور پريئرز شامل آهن. 68 هزار هارين کي زراعت جي بهترين لاڙن بابت تربيت ڏني وئي آهي جنهن ۾ 4 هزار عورتون شامل آهن تربيت جي نتيجي ۾ مرچ ۽ کجي جي اپت ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. سال 20-2019 ۾ سنڌ ايريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي انهاسمينٽ تحت 418 واٽر ڪورسز کي بهتر ڪيو ويو جڏهن ته 619 واٽر ڪورسز جي بهتري جو ڪم جاري آهي. 1265 ايڪڙن تي پکڙيل 84 فارمز تي ڊرپ ايريگيشن جو نظام لڳايو ويو، جڏهن ته 1269 ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل 68 فارمز تي ڊرپ ايريگيشن نظام لڳائڻ وارو ڪم جاري آهي. هارين/خدمتون فراهم ڪندڙن کي 81 ڊيپ رپنگ ايڪيوپمينٽ ڏنا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ پوري صوبي لاءِ غذائي کوٽ ۽ واڌ ويجهه جي گهٽتائي لاءِ ايڪسلريٽيڊ ايڪشن پلان (تڪڙي ڪارروائي جو منصوبو) جوڙيو ويو آهي جيڪو زرعي شعبي نيوٽريشن جو اهم پروجيڪٽ آهي. هن پروجيڪٽ تحت سال 20-2019 ۾ صوبي جي 7 ضلعن ۾ تحقيق ۽ سماجي تحرڪ جا سروي ۽ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي 7 سيمينار ڪرايا ويا آهن. هلندڙ مالي سال هن پروجيڪٽ تحت زراعت سان سلهاڙيل ڪميونٽي جي مهارت ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪووِڊ-19 (ڪورونا) سان مهاڏو اٽڪائيندي، اسان هڪ ٻي قومي هنگامي حالت کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن سنڌ ۾ ماڪڙ پهريون ڀيرو مئي 2019 ۾ ظاهر ٿي، جنهن جو اطلاع وفاقي حڪومت کي ترت ڏنو ويو. سنڌ زراعت کاتي پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جي سهڪار سان ترت ئي زميني اسپري مهم جو آغاز ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سال 2020 ۾، ماڪڙ پهرين گهوٽڪي ضلعي ۾ 8 اپريل 2020 تي رپورٽ ٿي ۽ 12 اپريل 2020 تي ڪشمور ضلعي مان پڻ موجودگي جو اطلاع مليو، ماڪڙ جي موجودگي جي اطلاع بابت سنڌ جي 22 ضلعن مان رپورٽ ملي. جنهن ۾ جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، ڪشمور، گهوٽڪي، سکر، خيرپور، مٽياري، دادو، ڪراچي (گڏاپ ۽ ملير)، ڄامشورو، حيدرآباد، بدين، ٽنڊومحمد خان، ٽنڊو الهيار، ٺٽو، ميرپورخاص عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، شهيد بينظيرآباد، سانگهڙ نوشهروفيروز ۽ قمبرشهدادڪوٽ ضلعا شامل آهن. هينئر تائين 35 هزار 5 سئو 76 هيڪٽر تي ڪپهه، سبزيون، ڪمند، گاهه، مرچ ۽ ٻيا فصل متاثر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ وفاقي حڪومت پاران ان مسئلي تي موٽ سست رهي جنهن ڪري سنڌ زراعت کاتي کي تڪڙا اُپاءَ وٺڻا پيا زراعت کاتي 1000 اسپريئرز، 300 سولو پاور اسپريئرز، 6 ٽريڪٽر مائونٽين اسپيريئرز 25 گاڏين سان گڏ 70 وهيڪل مائونٽيڊ اسپريئرز خريد ڪيا ويا. 21 گاڏين تي ٻڌل هڪ ٻي گاڏين جي فليٽ پڻ شامل ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ هڪ لک 25 هزار ليٽر لِمڊا اي سي زرعي دوا جي خريداري ڪئي وئي جنهن جو استعمال جاري آهي. 73 لک 89 هزار 7 سئو 57 هيڪٽرز جي سروي ڪئي وئي آهي جڏهن ته 13 جون 2020 تائين متاثر ٿيل 38 هزار 8 سئو 93 هيڪٽرز تي اسپري ڪيو ويو آهي.
سال 2019 ۽ سال 2020 ۾ جاري ڪيل فنڊز جا تفصيل ھيٺين ريت آھن:
فنڊز جا تفصيل | سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل رقم (ملين ۾) | رمارڪس |
ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ونگ کي جاري ڪيل رقم | 335.095 | گاڏين جي خريداري، اسپريئيرس،پيسٽيسائيڊ، پي او ايل ۽ فيلڊ اسٽاف کي مالي امداد |
پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ حڪومت پاڪستان کي جاري ڪيل رقم | 10.000 | ايئرڪرافٽ جي پي او ايل ۽ پيسٽيسائيڊ جي خريداري |
متاثر ٿيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي جاري ڪيل رقم | 16.000 | گھوٽڪي، سانگھڙ، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، خيرپور جي ريگستاني علائقن ۾ ماڪڙ جو خاتمو |
پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رقم | 2.500 | ھڪ ملين رقم ڊپٽي ڪمشنرن کي ڏني وئي |
ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ونگ کي جاري ڪيل رقم | 286.400 | نيشنل ايڪشن پلان تحت 21 گاڏين، جي پي ايس وھيڪل مائونٽيڊ اسپريئرس ۽ پيسٽيسائيڊ اي سي جي خريداري |
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ پاڪ آرمي جي سهڪار سان فصل وارن ۽ ريگستاني علائقن ۾ سروي ۽ ڪنٽرول آپريشن ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت جي پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جي سهڪار سان گهوٽڪي، ڪشمور، خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ ماڪڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي. جيئن ته ماڪڙ وارو معاملو وفاقي حڪومت جي دائري ۾ اچي ٿو. تنهنڪري سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان 6 ايئرڪرافٽ، يو ايل وي اسپريئرز، زرعي دوائون يو ايل وي سان گڏ، مناسب مقدار ۾ لمبڊا سيهلو ٿرين املسيفائيڊ ڪنسٽريٽ، وفاقي حڪومت پاران فيلڊ ٽيمن جي مقرري جا مطالبا ڪيا ويا، جڏهن ته وفاقي حڪومت هوائي آپريشن جاري رکڻ جو واعدو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ وفاقي حڪومت ماڪڙ جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو آهي. پلان تحت ماڪڙ جي لاٿل آنن سان گڏوگڏ واڌ ويجهه وارن هنڌن کي ختم ڪيو ويندو. ماڪڙ جي ٻيهر واڌ ويجهه ۽ ٻيهر آنا لاهڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ مرحليوار نظام جوڙيو ويو آهي، هن پلان جي ڪل لاڳت 930.9 ملين رپيا آهي. جنهن ۾ حڪومت پاڪستان جو حصو 204 ملين روپيا آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جو حصو 726.8 ملين روپيا آهي. هن پلان جا ٽي مرحلا آهن: ھڪ جنوري کان جون 2020، سيارو-بهار بريڊنگ، ٻيو جولاءِ کان ڊسمبر 2020 سانوڻي جون برساتون ۽ ٽيون جنوري کان جون 2021 سيارو- بهار بريڊنگ.
ورڪس اينڊ سروسز ۽ روڊ سيڪٽر
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت سنڌ ۾ محفوظ، تيز رفتار، پائيدار مواصلاتي ڍانچي جي جُوڙ جڪ ڪري رھي آھي. ھن شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ 17 وڏين اسڪيمن لاءِ 6.4 ارب روپيا رکيا ويا آھن، ٽرانسپورٽ کاتو جيڪو گاڏين جي چڪاس ۽ سرٽيفڪيشن جي نظام جي ترقي (اپگريڊيشن) ۽ موٽروھيڪل آرڊيننس کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو. حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي لاءِ پر اميد آھي لاءِ جنھن جي ماليت 207.5 ارب رپيا ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي پڻ حل ڪرڻ لاءِ رکيا آھن. حڪومت سنڌ 3.0 ارب روپيا مختص ڪندي ڪي سي آر روٽ تي انڊر پاس ۽ اور ھيڊ پل جي تعمير لاءِ بي آر ٽي ايس اورنگ لائن جي 4 ڪلو ميٽر ڪوريڊور کي بي آر ٽي ايس گرين لائن سان ڳنڍيندي جون 2020 ۾ مڪمل ٿيڻ لاءِ متوقع آھي ساڳي ريت بي آر ٽِي گرين لائين وفاقي حڪومت جي تعاون سان ڊسمبر 2020 تائين مڪمل ٿيڻ متوقع آھي. جڏھن تھ انٽيگريڊڊ انٽيليجنس ٽڪيٽنگ جي نظام (آءِ آءِ ٽي ايس) بسن جي آپريشن ۽ فيئر ڪليڪشن (ڀاڙو وصول ڪرڻ) جي نظام کي پڻ حڪومت سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي موڊ تحت کنيو آھي. ايندڙ سال 2 نوان منصوبا بي آر ٽي ريڊ لائين (29 ڪلوميٽر) 74 ارب روپين جي ماليت سان ۽ بي آر ٽي ييلو لائين (22 ڪلوميٽر) 61 ارب روپين جي ماليت سان ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ عالمي بينڪ جي مدد سان 20-2019 جي سالياني ترقياتي پروگرام ھيٺ شامل ڪيا ويا آھن، جڏھن ته مالي وسيلن ھيٺ 500 روڊ اسڪيمن لاءِ سالياني ترقياتي پروگرام 21-2020 ۾ 36.5 ارب روپيا تجويز ڪندي رکيا ويا آھن. اھو پورٽ فوليو ورڪس ۽ سروسز ۽ بلديات کاتي جي روڊ سان لاڳاپيل اسڪيمن متعلق آھي. گڏوگڏ صوبائي ترقياتي بجيٽ جي وسيلن تحت 165 ملين روپيا پرڏيھي امداد جي تعاون سان رکيا ويا آھن . سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ 20-2019 جي مالي سال ۾ 15.1 ارب روپيا پڻ رکيا ويا ھئا، جڏھن تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ 14.8 ارب روپيا ورڪس ۽ سروسز کاتي جي بجيٽ ۾ رکيا ويا آھن. حڪومت جي عمارت ۽ ڍانچي جي مرمت ۽ سارسنڀال لاءِ 4.1 ارب رپيا رکندي بشمول 2.3 ارب روپيا دفتري عمارتن ۽ 1.6 ارب روپيا گھرو عمارتن لاءِ ھلندڙ مالي سال 20-2019 ۾ رکيا ويا وڌيڪ روڊ جي بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ سارسنڀال لاءِ ھلندڙ مالي سال 20-2019 لاءِ پڻ 3.8 ارب روپيا رکيا ويا. 413 اسڪيمون 24.0 ارب روپين جي ماليت سان ھلندڙ مالي سال 20-2019 ۾ زير تعمير آھن جنھن جو تفصيل ھن ريت آھي. 266 جاري اسڪيمن لاءِ سال 20-2019 ۾ 19 ارب روپيا مختص ڪندي جنھن مان 31 مارچ تائين 16,531.52، جاري ڪيا ويا جنھن مان وري 13,908,75 ارب روپيا 31 مارچ 2020 خرچ ڪيا ويا ۽ 147 نين اسڪيمن لاءِ سال 20-2019 ۾ 5 ارب مختص ڪندي 31 مارچ 2020 تائين 475 ارب روپيا جاري ڪيا جنھن تحت 98 اسڪيمن جون 2020 فنڊن جي جاري ٿيڻ جي مشروط ڪاٿي سان مڪمل ٿي وينديون. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سھڪار سان ورڪس ۽ سروسز کاتي، سنڌ روڊ امپرومينٽ پروجيڪٽ تحت 97.8 ملين آمريڪي ڊالرن جي لاڳت سان روڊن جي بحالي وارا ڪم مڪمل ڪيا آھن جيڪو اي ڊي پي جو 90 سيڪڙو ۽ 9.14 سيڪڙو حڪومت سنڌ جو حصو آھن. اھي روڊ ھيٺيان آھن. 3.3 ارب رپين جي لاڳت سان 67 ڪلوميٽرز ٽنڊو محمد خان روڊجي تعمير، 3.3 ارب رپين جي لاڳت سان 54 ڪلو ميٽر ڊگري، نئون ڪوٽ روڊ جي تعمير، 2.8 ارب رپين جي لاڳت سان 64 ڪلوميٽر کيبر-سانگهڙ وايا ٽنڊو آدم روڊ جي تعمير،2.4 ارب رپين جي لاڳت سان 63 ڪلو ميٽر سانگهڙ-ميرپورخاص وايا سنڌڙي جي تعمير، 1.4 ارب رپين جي لاڳت سان 36 ڪلوميٽر شيرانپور-رتوديرو روڊ جي تعمير، 2.06 ارب رپين جي لاڳت سان 44 ڪلو ميٽر ٺل- ڪنڌڪوٽ روڊ جي تعمير، 4.09 ارب رپيا مٿئين منصوبي مان بچت ڪندي 19-2018 دوران منصوبي جي ھيٺين روڊن لاءِ مختص ڪيا ويا، اھي روڊ جون 2020 تائين مڪمل ٿيڻ متوقع آھن، 831 ملين رپين سان سيوھڻ ريلوي ڪراسنگ (N-55) کان دادو وايا ٽلٽي دادو مورو روڊ تائين، 32 ڪلوميٽر روڊ جي بھتري، 1.7 ارب رپين سان ٽنڊوالھيار کان چمبڙ 19 ڪلوميٽر روڊ جي بھتري، 1.4 ارب رپين سان جھان خان (N-65) کان فيضو لاڙو (N-55)وايا چڪ ٽائون ، 29 ڪلوميٽر روڊ جي بھتري شامل آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ھن کاتي 20/2019ع جي ھلندڙ مالي سال ۾ ڪجھ ٻيا ھدف پڻ حاصل ڪيا آھن، 130 جاري رٿائن مان 98 رٿائون جون 2020ع تائين مڪمل ڪيون وينديون ۽ 150 جاري رٿائون ايندڙ مالي سال 21-2020 تائين مڪمل ڪيون وينديون.
آبپاشي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ زراعت جو شعبو ھڪ مضبوط آبپاشي نظام تي انحصار ڪري ٿو، سنڌ صوبو جيڪو 3 بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج تي ٻڌل آهي، جنهن سان ڪينالن وارو نظام پڻ آھي، اھو سنڌ جي سمورن علائقن ۾ پيداوار لاءِ پاڻي مھيا ڪري ٿو. گڏوگڏ ھي نظام ڪيترن ئي شھرن ۽ ٽائونز کي پيئڻ جو پاڻي پڻ فراھم ڪري ٿو. ٻوڏ کان بچاءَ وارو ڍانچو جيڪو بندن ۽ درياهه تي ٻڌل آھي ۽ لاڳاپيل نظام ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ھلندڙ مالي سال 20-2019ع ۾ آبپاشي شعبي ۾ غير ترقياتي ڪمن لاءِ 23.0 ارب روپيا مختص ڪيا ويا ھئا جيڪي 20-2019ع جي نظرثاني ڪاٿي ذريعي 17.2 ارب رپين تائين گهٽايا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ آبپاشي نظام جا بئراج ۽ ڊائون اسٽريم اڌ صدي پراڻا آھن جيڪي پنھنجي استعمال جو مدو پڻ پورو ڪري چڪا آھن تنھنڪري انھن جي ٻيھر بحالي جي اشد ضرورت آھي. حڪومت سمورن ٽنھي بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۽ پراڻي نھري نظام جي ٻيھر بحالي کي اھميت ڏئي رھي آھي. توانائي جي بحران کي نظر ۾ رکندي ڊيزل تي ھلندڙ ٽيوب ويل کي سولر ۽ ونڊ انرجي تي منتقل ڪري رھيا آھيون ته جيئن زرعي پيداوار لاءِ زمين کي زرخيز بڻايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ حڪومت اثرائتي نھري نظام جي ترقيءَ لاءِ منصوبو جوڙيو آھي جنھن تحت اضافي 30 ھزار ايڪڙ زمين کي پاڻي پھچائي آباد ڪيو ويندو، جڏھن ته بجلي جي پيداوار لاءِ ٿرڪول پراجيڪٽ کي پاڻي جي فراھمي، شھري علائقن ۾ پاڻي جي فراھمي کي بھتر بڻائڻ ۽ ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ انتظامن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ آبپاشي کاتي جي 198 جاري ۽ 18 نين غير منظور رٿائن لاءِ سالياني ترقياتي پروگرام 21-2020 ۾ 20.1 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي ويندي. ان پورٽ فوليو ۾ آبپاشي کاتي جون آبپاشي سان لاڳاپيل رٿائون، مکيه ڪينالن جي استرڪاري ۽ پڪو ڪرڻ جون رٿائون ۽ ٿرڪول انفرا اسٽرڪچر پراجيڪٽ شامل آھن. صوبائي ترقياتي بجيٽ جي وسيلن کان علاوه 6.95 ارب رويپا پرڏيھي امدادي رٿائن لاءِ پڻ مھيا ڪيا ويا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ھن وقت 106 رٿائون ھلندڙ آھن جيڪي جون 2020 تائين مڪمل ڪرڻ جو ھدف آھي انھن ۾ 15 رٿائون ڪينالن جي استرڪاري، پڇڙي جي آبادگارن کي بھتر نموني سان آبپاشي جو پاڻي فراھم ڪرڻ ۽ صوبي جو نھري ۽ ڊرينيج نظام شامل آھي، جڏھن ته ايشيائي ترقياتي بينڪ جي فنڊنگ تحت ڪينالن جي استرڪاري جي 33 رٿائن تحت ڪينالن جي 632 ميلن جي استرڪاري ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ آبپاشي شعبي جو ڪينالن جي بھتري ۽ ڊرينيج جي ڪم تي وڌ کان وڌ ڌيان ھوندو آھي جنھن جو مقصد آبپاشي جي پاڻي جي استعمال کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ پڇڙي ۾ برابري جي بنياد تي پاڻي پھچائڻ آھي. شهيد بينظيرڀٽو سويٽ واٽر پروجيڪٽ تحت ٿر جي لاءِ عمرڪوٽ کان کيٿاري تائين پاڻي جي فراهمي، ٿر ڪينال کي پاڻي جي فراهمي لاءِ مکي فراش لنڪ ڪينال جي رٿا، ٿرڪول کي پاڻي جي فراھمي لاءِ مکي فراش لنڪ ڪينال جي رٿا، سنڌ ۾ سولر ٽيوب ويل لڳائڻ، صوبائي وسيلن مان 1396.327 ميل ڊسٽريبيوٽريز جي استرڪاري، سالياني ترقياتي پروگرام ۽ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام تحت 64 ننڍا ڊيم، ريچارج ڊيم ۽ ڊلي ايڪشن ڊيم جي اڏاوت ۽ ننگرپارڪر ۽ ڪوھستان جي مختلف نئين ۾ 15 ننڍا تلاءَ ٺاھڻ شامل آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪارونجھر ۽ کيرٿر جي پھاڙين مان گڏ ڪيل پاڻي سان ٿرپارڪر جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ 179.244 ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي ۽ عوام توڙي چوپائي مال کي پڻ پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو ويندو. ننگرپارڪر جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ ننڍن ڊيمن جي اڏاوت مڪمل ٿيڻ سان ماڻھن، چوپائي مال ۽ 14900 ايڪڙ زرعي زمين لاءِ پاڻي دستياب ھوندو.
مڪاني ادارا
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسان جمھوريت ۽ جمھوري قدرن تي يقين رکون ٿا. اسان مضبوط سياسي ۽ جمھوري ادارن تي يقين رکون ٿا. اسان جي حڪومت ھڪ آمر طرفان متعارف ڪرايل مڪاني حڪومتن واري نظام جو خاتمو آندو ۽ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 منظور ڪرايو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسان جي حڪومت عوام جا مسئلا سندن در جي چانئٺ تي ئي حل ڪرڻ لاءِ مڪاني ادارن سان ويجھڙائپ سان گڏ ڪم ڪري رھي آھي. سنڌ حڪومت مختلف وقتن تي سمورين يونين ڪائونسلن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ۽ ڪم ڪار جي دائري کي وسيع بڻائڻ لاءِ لوڪل ڪائونسلن جو حصو وڌايو آھي. سنڌ جي مڪاني ادارن جي گرانٽ مالي سال 20-2019 ۾ 74.5 ارب روپيا مختص ڪيا ۽ 30 مئي 2020ع تائين سمورين لوڪل ڪائونسلز کي 67.5 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت صوبي جي مڪاني ادارن جي مالي سال 20-2019 جي گرانٽ 74.5 ارب روپين مان وڌائي مالي سال 21-2020ع ۾ 78.0 ارب روپيا ڪئي آھي جيڪا 5 سيڪڙو واڌ هوندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي مالي دٻاءُ ۾ پڻ پنھنجو حصو ونڊي رھي آھي ۽ ريگيولر او زيڊ ٽي شيئر، ريگيولر پينشن ۽ ريگيولر گرانٽ ان ايڊ جي مد ۾ ترتيبوار 160.0 ملين روپيا. 430.0 ملين روپيا ۽ 215.4 ملين روپيا ماھوار جاري ڪيا آھن. ان حساب سان ڪُل رقم 805.5 ملين روپيا ۽ سالياني رقم 10.0 ارب بڻجي ٿي. انھن انگن اکرن ۾ 293.2 ملين روپيا ھڪ ڀيرو خصوصي گرانٽ ان ايڊ پڻ شامل آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ريگيولر گرانٽ ان ايڊ 204.0 ملين روپيا ماھوار بنيادن تي جاري ڪيا ويا ته جيئن پگھارن، پينشن ۽ ٻين غير ترقياتي خرچن کي منھن ڏنو وڃي. ھلندڙ مالي سال دوران ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ترتيبوار 2.4 ارب روپيا ۽ 470.7 ملين روپيا گرانٽ ان ايڊ ۽ ھڪ دفعو خصوصي گرانٽ ان ايڊ جي مد ۾ جاري ڪيا ويا آھن. سنڌ حڪومت 2016 کان وٺي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جا بجلي جا بل پڻ ماھوار ادا ڪري رھي آھي. 20-2019ع ۾ ان مد ۾ 6.0 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ھلندڙ مالي سال 20-2019 ۾ 315 جاري ۽ 93 نين رٿائن لاءِ 34.7 ارب روپيا مختص ڪيا ويا. انھن رٿائن ۾ گريٽر ڪراچي واٽر سيوريج پروجيڪٽ (S-III) ۽ گريٽر واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ (K.IV) شامل آھن جن تي 15 مئي 2020 تائين 11.4 ارب روپيا خرچ ٿيو آھي. جڏھن ته جاري رٿائون جيڪي عملدرآمد جي ويجھو ھيون انھن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ويو ۽ ان حوالي سان وفاقي حڪومت سان شيئر جاري ڪرڻ لاءِ ڳالھايو پيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019 ۾ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي واٽرسپلاءِ ۽ سينيٽيشن جي 398 رٿائن لاءِ 39.0 ارب روپيا مختص ڪيا ويا. ڪجھ اھم رٿائن ۾ تازي پاڻي جي تلائن ۾ گندو پاڻي داخل ٿيڻ جي خاتمي ۽ واسا حيدرآباد جي 494 غير فعال واٽرسپلاءِ ۽ سيوريج اسڪيمن جي ٻيھر بحالي شامل آھي. انھن رٿائن تي مجموعي طور 5 جون 2020 تائين 11.0 ارب روپيا خرچ آيو آھي جيڪو جون مھيني جي پڄاڻي تائين وڌي به سگھي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ مڪاني ادارن ۽ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ جي 300 کان وڌيڪ واٽرسپلاءِ ۽ سينيٽيشن جي رٿائن لاءِ 19.3 ارب روپيا مختص ڪيا ويا. گڏوگڏ عالمي بينڪ جي مالي مدد تحت 3.4 ارب روپين جي لاڳت سان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ لاءِ ھڪ ميگا پروجيڪٽ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) منظور ڪيو ويو آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ انٽر سيڪٽوريل نيوٽريشن پروگرام (NSP) سان گڏوگڏ صاف سٿرو سنڌ (SSS) پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آھي. انھن ٻنھي پروگرامن جو مقصد آهي ته صفائي سٿرائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي وسيلي سنڌ خصوصي طور ٻھراڙي جي ڪميونٽيز ۾ غذائيت کي بھتر بڻايو وڃي. ھن پروگرام جو مقصد 2025 تائين سنڌ کي اوپن ڊفيڪش فري (ODF) قرار ڏيڻ آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ صاف سٿرو سنڌ عالمي بينڪ جي مدد سان سنڌ جي 13 ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو آھي. جنھن ذريعي ٻھراڙي جي 50 سيڪڙو آبادي يا 2 ملين ماڻھن تائين رسائي حاصل ڪئي ويندي جڏھن ته صاف سٿرو سنڌ مان فائدو حاصل ڪندڙن جي اڌ شرح عورتون ھونديون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ھن پروگرام لاءِ عالمي بينڪ سھڪار ڪري رھي آھي، جنھن جي ڪل لاڳت 3.4 ارب روپيا آھي جنھن ۾ سنڌ حڪومت جو حصو 900.0 ملين روپيا ۽ عالمي بينڪ جو حصو 2.5 بلين روپيا آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪووِڊ-19 (ڪورونا) سبب ھن پروگرام جون ڪجھ سرگرميون تبديل ڪيون ويون آھن جنھن ۾ انھن ڳوٺن ۾ صاف پاڻي ۽ سينيٽيشن جون بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ جتي پاڻي اڻلڀ آھي، سماجي تحرڪ کي سگھارو بنائڻ، صحت جي معاملن بابت روين جي تبديلي، اسڪولن ۾ صحت ۽ صفائي بابت آگاھي ۽ ھٿ ڌوڻ وارين جاين سان بيت الخلا جي اڏاوت شامل آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت عالمي بينڪ جي مدد سان ڪامپيٽيٽو اينڊ لوايبل سٽي آف ڪراچي (CLICK) پروجيڪٽ 33.600 ارب روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو آھي، جنھن جو مقصد ڪراچي جي بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ ميٽرو پوليٽن سٽي جي سمورين ڪائونسلز جون صلاحيتون وڌائڻ آھي جيڪو پروجيڪٽ 2025 ۾ مڪمل ٿيندو. ھن پروجيڪٽ جا 3 اھم نقطا ھن ريت آھن: 181.86 ملين آمريڪي ڊالرن جي لاڳت سان لوڪل گورنمينٽ کاتي تحت ڪراچي جي مقامي ڪائونسلز جي بھتري ۽ بنيادي ڍانچي جي صلاحيتن جي بھتري، 40.4 ملين آمريڪي ڊالرن جي لاڳت سان ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ذريعي شھري ملڪيت جي ٽيڪس واري نظام جي بھتري ۽ 17.2 ملين آمريڪي ڊالرز جي لاڳت سان سيڙپڪاري کاتي وسيلي سنڌ انويسٽمينٽ پورٽل جو قيام.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIF) ھڪ اھڙو پروجيڪٽ آھي جنھن سان ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج واري پراڻي نظام جي ڍانچي کي ترقي وٺرائي ويندي جنھن جو مقصد ان سڄي ادارتي ڍانچي کي ٻيھر ترتيب ڏئي مالي طور مستحڪم ڪري پاڪستان ۾ عالمي معيار جي پاڻي جي سھولت مھيا ڪرڻ آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ 12 سالن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل هن پروجيڪٽ لاءِ 1.6 ارب آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري رکي وئي آهي ان ڪري ڪراچي جي بنيادي ڍانچي جون سموريون ضرورتون عالمي بينڪ AIIB ۽ سنڌ حڪومت جي ترتيبوار 40-40 ۽ 20 جي تناسب سان سيڙپڪاري جي ذريعي پوريون ڪيون وينديون تنهن باوجود به حڪمراني ۽ ادارتي سڌارن جو سنڌ حڪومت جو حصو 100 سيڪڙو آهي.
سماجي ڀلائي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت سماجي ڀلائي واري کاتي ۽ ان سان لاڳاپيل سهولتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي موجوده حالتن ۾ غريب عوام جي ڏکيائين کي ختم ڪرڻ لاءِ سھولتون فراھم ڪرڻ ۾ اڳڀري رھي آھي. مالي سال 21-2020 ۾ سماجي ڀلائي واري کاتي جي بجيٽ 1.8 ارب روپين مان وڌائي 27.1 ارب روپيا ڪئي وئي آھي جيڪا مجموعي طور تي 1360 سيڪڙو وڌائي آھي. جيئن اڳواٽ ذڪر ڪيل آھي ته 20 ارب روپيا سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام تحت روڪ رقم ڏيڻ لاءِ مختص ڪيا آھن. جڏھن ته ٻيا منصوبا ھن ريت آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ 100 ملين رپين جي لاڳت سان ڊويزنل سطح تي ايس او ايس ھومز (شيلٽر ھوم) جو قيام، دارالخوشنود جي لاءِ 3 ملين رپيا مختص ڪرڻ، سنڌ چيئرٽي رجسٽريشن ڪميٽين لاءِ 5 ملين رپيا رکڻ، شانتي نگر ۽ ملير ڪراچي ۾ 50 ملين رپين جي لاڳت سان 2 لاسٽ اينڊ فائونڊ چلڊرين سينٽرز جو قيام، 12.5 ملين رپين جي لاڳت سان ڊائريڪٽرز، دارالامان ۽ دارالاطفال لاءِ 10 نيون گاڏيون فراھم ڪرڻ، دادو ۽ گمبٽ جي ٽي بي پيشنٽ ايسوسئيشن لاءِ ھڪ ملين رپيا گرانٽ ان ايڊ وڌائڻ، دارالامان جي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ 7 ملين رپيا جاري ڪرڻ، سنڌ سينئر سٽيزن ويلفيئر فنڊ لاءِ 30 ملين رپيا مختص ڪرڻ، فوتي ملازمن جي سوڳوار خاندانن جي مالي مدد لاءِ 15 ملين رپيا مختص ڪرڻ شامل آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسان ڪيتريون ئي ترقياتي رٿائون شروع ڪيون جيڪي مڪمل ٿيڻ تي آھن. جن ۾ ڪراچي جي سول سوسائٽي آرگنائزيشن ڪورنگي وسيلي 300 ٻارن جي گنجائش رکندڙ اسٽريٽ چلڊرين جي بحالي، دارالاطفال جو قيام ۽ مضبوطي، ميرپورخاص ۽ جيڪب آباد ۾ 100 عورتن جي گنجائش تي ٻڌل دارالامان جو قيام ۽ مضبوطي. 40 ماڻهن جي گنجائش تي ٻڌل ڪراچي ۾ نشو واپرائيندڙن جي بحالي جي مرڪز جو قيام ۽ سکر دارالامان جي مرمت ۽ خدمتن جي بھتري شامل آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ ڪابينا جي 21 نومبر 2019ع تي رٿيل گڏجاڻي ۾ فيصلي جي روشني ۾ اولھ پاڪستان فيملي ڪورٽس ايڪٽ 1964 ۾ ھيٺين ترميم آندي وئي آهي. 6-اَي مامرا انٽرنيشنل چائيلڊ ايبڊڪشن 1980 جي ديواني پهلوئن بابت هيگ ڪنوينشن تحت ٻارڙن جي واپسي سان لاڳاپيل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ سموريون غير سرڪاري تنظيمون ۽ بنا فائدي واريون تنظيمون سنڌ چيئرٽي رجسٽريشن ايڪٽ 2019 تحت رجسٽرڊ ڪيون وينديون.
عورتن جي ترقي وارو کاتو
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ پاڪستان جي 2017 واري آدمشماري مطابق سنڌ جي آبادي 47,886,051 آھي جنھن مان 22,956,478 عورتن تي ٻڌل آھي جيڪا آبادي جو 47 سيڪڙو آھي، عورتون زندگي جي ھر شعبي ۾ عظيم ۽ اھم ڪردار ادا ڪري رھيون آھن. سنڌ حڪومت عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي تي خصوصي ڌيان ڏيئي رھي آھي. اسان عورتن کي برابريءَ جي بنياد تي سماجي، معاشي، سياسي ۽ قانوني حق ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي موجوده حالتن ۾ سنڌ حڪومت عورتن جي ترقي واري کاتي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پڻ اڳڀري رھي آھي. عام خرچن ۾ 5.0 ملين روپيا وڌائڻ، شھيد بينظيرآباد ۾ عورتن جي ترقي واري ڊائريڪٽوريٽ ۾ قانوني فيس جي مد 2.0 ملين روپيا وڌائڻ ۽ سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي ميمبرن لاءِ اعزازيي جي مد ۾ 3.0 ملين روپيا مالي سال 21-2020 ۾ متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آھي. ڪورونا جي صورتحال سبب فنڊز جو استعمال انتھائي گھڻو متاثر ٿيو آھي ۽ منصوبي مطابق گھربل ھدف حاصل نه ٿئي سگھيا آھن. تنھن باوجود به ھن کاتي 20/2019 جي ھلندڙ سال ۾ ھدف حاصل ڪيا آھن. جن ۾ چائلڊ ميريج رسٽرينٽ ايڪٽ 2013 تي عملدرآمد ۽ جاپان ڪوآپريشن انٽرنيشنل ايجنسي جي سھڪار سان گھريلو مزدور عورتن جي معيارِ زندگي بھتر بڻائڻ جو منصوبو شامل آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ صوبائي سطح تي سنڌ ڊووري بل 2017، سنڌ ايسڊ ڪنٽرول اينڊ ايڊاپشن آف پروٽيڪشن اگينسٽ هراسمينٽ آف وومين ايٽ ورڪ پليس ايڪٽ بابت نئين قانونسازي پڻ عمل هيٺ آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ 206.250 ملين روپين جي لاڳت سان 10 جاري ۽ نيون رٿائون شامل ڪيون ويون آھن ۽ سالياني ترقياتي پروگرام 21-2020 تحت 90 ملين روپين جي لاڳت سان سنڌ ۾ ملازمت ڪندڙ عورتن کي اسڪوٽي فراھم ڪرڻ جي نالي سان پڻ ھڪ نئين رٿا تجويز ڪئي وئي آھي.
ايندڙ سال ترقياتي رٿائن جو ھدف حاصل ڪرڻ جي توقع آهي.
اقليتون
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اقليتون پاڪستان سميت سنڌ جي آبادي جو اڻٽر حصو آھن کين پنھنجي مذھب ۽ ريتن رسمن مطابق زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آھي. سنڌ حڪومت وقت به وقت اقليتن جي خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ قدم کڻندي رھي آھي ته جيئن اھي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ مالي سال 20-2019 ۾ اقليتن لاءِ 855.6 ملين رپيا مختص ڪيا ويا ھئا ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ 1.5 ارب رپيا رکيا ويا آھن. سنڌ جي اقليتن جي ڀلائي لاءِ مالي سال 20-2019 ۾ گرانٽ ان ايڊ جي مد ۾ 750 ملين رپين جا فنڊز مختص ڪيا ويا. ڄاڻايل فنڊز اقليتي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ذريعي مختلف مقصدن جھڙوڪ علاج معالج، ڏاج ۽ شادين جي مد ۾ ضرورتمندن کي ڏنا ويا ۽ اقليتن جي عبادتگاھن جي مرمت ۽ اڏاوت لاءِ استعمال ڪيا ويا. وڌيڪ مالي سال 20-2019 ۾ اقليتن جي 102 ماڳن، مندر، ست سنگ، قبرستان، ڌرم شالا، گرجا گهرن ۽ عبادتگاهن جي مرمت ۽ اڏاوت لاءِ 638.5 ملين رپيا رکيا ويا.
پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي خانگي شعبي ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي تعليم، ورڪس اينڊ سروسز، صحت ۽ پبلڪ فنانشل مينيجمينٽ جي سڌارن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنھن سان معياري خدمتن جي فراھمي، رسائي ۽ حڪمراني ۾ بھتري آئي آھي.
ملير ايڪسپريس وي پراجيڪٽ
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ 20-2019 جي بجيٽ تقرير ۾ ڪيل واعدي موجب سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪراچي لاءِ 38.75 ڪلوميٽرن تي ٻڌل 6 لائنن واري ملير ايڪسپريس وي جو وڏو انفرا اسٽرڪچر پروجيڪٽ متعارف ڪرائي ھڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو آھي. شفاف ۽ موثر عالمي نيلامي واري طريقيڪار ذريعي صحتمند مقابلي کي ھٿي ملي ۽ پروجيڪٽ 27.5 ارب رپين جي نيلامي واري رقم تحت ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت کي اربين رپين جي بچت ٿي، ان پروجيڪٽ جي تعمير سان هڪ ڪلاڪ کان مٿي وارو سفر 25 منٽن ۾ طئي ٿيندو هي پروجيڪٽ ڪراچي شهر کي سوڙهو نه ڪندو پر مواصلات جو هڪ محفوظ ذريعو بڻبو ۽ گڏوگڏ شهر جو بنيادي ڍانچو محفوظ رهندو ۽ ڪراچي جي آسپاس جي علائقن ۾ تيزي سان ترقي جي دور جو آغاز ٿيندو.
گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پُل
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌو درياهه تي ڊگهي ۾ ڊگھي گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل، جيڪا 2.175 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي جي تعمير شروع ٿي وئي آهي انشاءَ الله هي پروجيڪٽ اڍائي سالن جي وقت ۾ مڪمل ٿي ويندو. ۽ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ فاصلو 151 ڪلوميٽر کان گهٽجي اٽڪل 30 ڪلوميٽر ٿي ويندو. پل جي تعمير سان گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ تمام گهڻا موقعا پيدا ٿيندا ۽ گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي ماڻهن لاءِ معاشي موقعا ميسر ٿيندا انهن ٻنهي ضلعن ۾ ملڪ جون وڏيون تيل ۽گئس جون ڪمپنيون پاور پروجيڪٽس ۽ ڀاڻ جا پلانٽ پڻ موجود آهن.
ايجوڪيشن مينيجمينٽ آرگنائزيشن ((EMOs
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ هلندڙ مالي سال دوران خريداريءَ جو پنجون مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 139 پبلڪ سيڪٽر اسڪول، جن ۾ 70 هزار کان وڌيڪ شاگرد داخل آهن جا انتظام خانگي شعبي ۾ ساک رکندڙ تنظيمن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڏنا ويا آهن جيڪي معياري تعليم فراهم ڪري رهيا آهن ۽ تعليم ۽ خواندگي واري کاتي جي مقامي عملدارن، آسپاس جي ڪميونٽيز، استادن، شاگردن، عملي ۽ اسڪول انتظامي ڪميٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. هن سڌاري سان آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 25 اَي ۽ سنڌ حڪومت طرفان منظور ڪيل سنڌ رائيٽ آف چلڊرين فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2013 تي عملدرآمد يقيني بڻجي رهيو آهي.
صحت جون سهولتون
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت خانگي شعبي جي حوالي ڪيل صحت جون 161 سهولتون ساليانو لڳ ڀڳ 6 ملين مريضن کي علاج فراهم ڪري رهيون آهن. ان کان سواءِ پي پي پي موڊ تحت 4 ريجنل بلڊ سينٽرز (آر بي سي) عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن ۽ کين موجوده وبائي صورتحال ۾ جتي ٿيليسيميا جي مريضن کي رت جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اتي انهن مريضن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي رت فراهم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت مضبوط ۽ صحتمند پي پي پي منصوبي جي پائيپ لائين جوڙيندي ڪجهه مکيه منصوبن کي ايندڙ مالي سال 21-2020 ۾ شامل ڪيو آهي.
ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ٽي پي-1 تي:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پبلڪ پرائيويـٽ پارٽنرشپ يونٽ ۽ آفيس آف دي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (او پي پي پي) جي تعاون سان 50 ايم جي ڊي ميونسپل ويسٽ واٽر ري سائيڪلنگ منصوبو ڪراچي ۾ جوڙيو آهي. اهو منصوبو پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو هوندو جيڪو رعايتي طور تي صنعتي علائقن جي سيوريج (نڪاسي) جي پاڻي کي صنعتي استعمال ۾ بدلائڻ جي ذميواري کي سرانجام ڏيندو ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي گهربل واٽرسپلاءِ جي بنيادي ڍانچي جي استعمال، مرمت، ترقي، بدلي ۽ قيام لاءِ ڪم ڪندو.
نبي سر کان وجهاڙ لاءِ صنعتي پاڻي جي فراهمي:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ مائيننگ جي منصوبي ۾ اهم واضح شراڪتي پارٽنر بڻجڻ کانپوءِ، حڪومت سنڌ مائيننگ ۽ توانائي جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مکيه بنيادي ڍانچي جي فراهمي لاءِ قدم کنيو، انهيءَ ۾ مکيه رڪاوٽ 1590 ميگاواٽ ٿر بلاڪ 2 ۾ صنعتي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ هو، انهيءَ سلسلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سنڌ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت پاڻي پهچائڻ جو وڏو منصوبو ترتيب ڏنو جيڪو مالي سال جي پُڄاڻي کانپوءِ رڪارڊ هڪ سال اندر مڪمل ٿي ويندو.
شهري روڊ ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪراچي جي معاشي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪراچي پورٽ جي مکيه روڊ تي بدترين ٽريفڪ جي حالتن ۽ معاشي استحڪام جي نقصان سان گڏوگڏ حڪومت سنڌ ٽن روڊ جي ترقي، بهتري ۽ واڌاري لاءِ مشاورتي خدمتون حاصل ڪيون جن ۾ ھڪ ڪورنگي لاءِ لنڪ روڊ ٻيو ماڙي پور کان 4 جنڪشن ايڪسپريس وي ۽ ٽيون آءِ سي آءِ ٽي انٽرچينج پل شامل آھن، جنهن جو مقصد انهن مکيه روڊن تي خاص وقت تي ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽائڻ جو مقصد آهي، وڌيڪ ڄاڻايل لنڪ روڊ ڪورنگي جيڪو خاص حڪمت عملي جي اهميت رکندڙ آهي کي متبادل روڊ جي طور تي پاڪستان ايئر فورس جي سادرن ايئر ڪمانڊ کي هنگامي طور متبادل روٽ جي سهولت ڏيڻ جو مقصد سان شامل آهي.
ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ 1530 ايڪڙن تي ٻڌل ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون (ڊي ايس اي زيڊ) جهڙي تاريخي منصوبي جو حصول (پروڪيورمينٽ) ۽ تياري واري مرحلي ۾ آهي. ڊي ايس اي زيڊ امڪاني طور تي نه رُڳو ملڪي معيشت تي پر گهڻ رُخي طور تي صوبي سنڌ لاءِ فائديمند ٿي تحرڪ وٺندو، اهي فائدا روزگار پيدا ڪرڻ، صنعتي ترقي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي رواني، روانگي واپار ۾ واڌ ۽ ملڪي جي ڊي پي تي مثبت اثر پڻ شامل آهن. ان سان گڏوگڏ خانگي مالي ۽ سيڙپڪاري جي رواني پڻ شامل آهي. اهو منصوبو حڪومت سنڌ لاءِ روينيو جو حصو وڌائڻ لاءِ پڻ اهم قدم ثابت ٿيندو.
انڊس اسپتال بدين:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڊي ايڇ ڪيو بدين کي انڊس اسپتال پاران ٻاهرين طور تي مدد فراهم ڪندي خدمتن جي عيوض ۽ مريضن جي هاڪاري واڌاري طور سٺي سنوڻ سان ڏٺو ويو. (1)، 990 او پي ڊي + هنگامي ڪيس روزانه، (2) 30 هزار ساليانو سراسري طور تي آءِ پي ڊي سرجري ۽ پيداش سميت، (3) ساليانو هڪ لک تشخيصي ڪيس جي سهولت سان ساراه جوڳي رپورٽ آهي. بشمول ايس او پيز سان انڊس اسپتال جون خدمتون جنهن ۾ انتظامي سهولت، ويسٽ مينيجمينٽ، جينيٽوريل سروسز ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي پڻ شامل آهن.
ماربل سٽي پروجيڪٽ:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ حڪومت سنڌ، ماربل سٽي جي ترقي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهي آهي جيڪو صنعتي سطح تي اسپيشل اڪنامڪ زون تي مشتمل آهي اهو منصوبو سنڌ ۾ پٿر ، گرنائيٽ ۽ ماربل جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ متوقع آهي حڪومت سنڌ انهي منصوبي لاءِ نادرن باءِ پاس ڀرسان 300 ايڪڙن تي ٻڌل زمين مختص ڪئي آهي.
ٽيڪنالاجي پارڪ اين اي ڊي يونيورسٽي:
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ هي هڪ معاشي علم جو دور آهي ترقي يافته قومون فني تعليم تحقيق ۽ ترقي جي واڌاري لاءِ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن جنهن لاءِ انهي ترقي کي مدنظر رکندي حڪومت سنڌ اين اي ڊي ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.
نان فارمل ايجوڪيشن (اين ايف اي):
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اهو هڪ اهم ۽ بنيادي منصوبو آهي جيڪو اٽڪل 4 ملين اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارن کي نظر ۾ رکندي فارمل ايجوڪيشن نظام جي طرف هن جامع تعليمي پروگرام ذريعي متوجه ڪندو. هتي اهو پڻ ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ميگا منصوبن جهڙوڪ ملير ايڪسپريس وي ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ٽي پي – 1 تي، اربن روڊ انيشيٽوز ڪراچي ۾ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ اين اي ڊي پڻ صوبي لاءِ موزون سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪندا. هاڻي کان روزگار جا موقعا، ٽئڪس روينيو ۽ واڌارو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ بهتر زندگي جهڙا ثانوي مثبت رجحان پڻ پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪووِڊ-19 (ڪورونا) جي وبا ڦهلجڻ کانپوءِ معاشي بحران کي مدنظر رکندي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ئي ٺوس حل لاءِ مالي خساري ۽ وسيلن جي ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيئي پ پ پ جا منصوبا شناخت، ڪارڪردگي، نواڻ، خانگي، ڪيپيٽل موبيلائزيشن، بهتر خدمتن ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن لاءِ روڪيل ادائگين جي نظام کي ترتيب ڏيڻ سان ئي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. جيتري قدر پي پي پي منصوبي جو پورٽ فوليو 75 ارب رپين کان به وڌيڪ انشاءَ الله ايندڙ ٻلن سالن ۾ 120 ارب رپين کان به وڌيڪ منصوبا جوڙيا ويندا جيڪو سالياني ترقياتي پروگرام ۾ هڪ وڏو توازن پڻ ثابت ٿيندو.
پڄاڻي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسان ڪورونا جي وبا جي خلاف سگھھ ۽ جذبي سان وڙھياسين، اسان جي ان ڏس ۾ موٽ مناسب ۽ وقتائتي ھئي. وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ سڀ کان پھرين عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ وقت سر اُپاءَ ورتا، عوام اسان جا ھٿ مضبوط ڪيا ۽ اسان جي ڪوششن جي حمايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسان ايندڙ مالي سال 21-2020 لاءِ پنھنجا وسيلا مختص ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. محتاط طور تي جن جو مقصد ايندڙ مالي سال جي دوران ڪورونا سان جنگ جوٽڻ آھي. ان وبا جا مقصدن ۽ ھدفن تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا پر يقيني طور اسان جي حوصلن کي پست نٿي ڪري سگهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسانکي ھن معزز ايوان، سياسي پارٽين، خانگي شعبي ۽ سنڌ صوبي جي ٻين ماڻھن جي مدد ۽ رھنمائي جي ضرورت آھي. اسان حڪومت پاڪستان کي پڻ ننيڍ ڏيون ٿا ته اڳتي اچي ۽ گڏجي ڪم ڪري ڇو ته ھڪ مضبوط وفاق ئي جمھوريت، سياسي ادارن، سماجي، معاشي ترقي، معاشي خوشحالي ۽ ملڪ جي عوام جي ڀلائي جو ضامن آھي. اسانجي شھيد قائد ۽ مسلم دنيا جي پھرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو چوڻ ته پاڪستان جو شاندار مستقبل، استحڪام ۽ حفاظت ان جي عوام کي طاقتور بڻائڻ ۽ سياسي ادارا ٺاھڻ تي دارو مدار رکي ٿو، منھنجو مقصد صرف اھو ثابت ڪرڻ آھي ته ڪنھن به نسل جي دلين ۽ ذھنن کي کٽڻ جي بنيادي جنگ صرف جمھوريت جي تحت ئي کٽي سگهجي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسانکي قومي مفادن ۾ مسئلن جي حل لاءِ اتفاق راءِ ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. اسانجي ملڪ جو آئين مسئلن کي آئيني طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ مختلف آئيني فورم ۽ طريقيڪار مھيا ڪري ٿو. اسانکي لازمي طور آئيني شقن جي پيروي ڪرڻ گهرجي ۽ وسيع تر قومي مفاد ۾ سياسي لاڳاپن کان ھٽي ڪري سوچڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ عوام جي خدمت اسانجو عزم آھي، اسان ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڌرتي سان وفاداري ڪنھن به شڪ کان مٿڀري آھي، اسان جي قيادت امن جي عظيم مقصد ۽ جمھوري ادارن جي مضبوطي ۽ مربوطيءَ لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪيون. پاڪستان پيپلز پارٽي استحصال، اقربا پروري ۽ غير جمھوري طور طريقن جي خلاف شيھي جي ديوار مثل آھي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ اسان پڪو پھ ڪيون ٿا ته ڌڻي سائين جي سھڪار سان ۽ سنڌ جي عوام جي حمايت سان ھر مھاڏي کي منھن ڏيڻ ۾ سوڀارا ٿينداسين.