ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سُپريم ڪورٽ کان ججز جي جاسوسي واري معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياستدانن، ججز ۽ سول سوسائٽي کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ ڪيس ٺاهيا وڃن ٿا. سُپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته اِن معاملي جو به نوٽيس وٺي، ڪرپشن کي ختم ڪرڻو آهي ته انتقام جي بُنياد تي ٺاهيل ڪيسز ختم ڪرڻا پوندا، وزيراعظم سنڌ جي غير سياسي دوري ۾ به سياست ڪئي.
پي ٽي آءِ سرڪار کي پنهنجي روايت تبديل ڪرڻي پوندي، وفاقي بجيٽ کي سياسي جماعتن رد ڪري ڇڏيو آهي، بجيٽ ۾ ڪورونا ۽ ماڪڙ سوڌو غريب طبقي کي نظرانداز ڪيو ويو، سنڌ جي 229 ارب رُپين تي ڌاڙو هنيو ويو، پنجاب سوڌو ٻين صوبن کي به اين ايف سي ايوارڊ تحت پورو حصو نه ڏنو ويو آهي.
اين آءِ سي ايڇ، اين آءِ سي وي ڊي ۽ جناح اسپتال تي وار ڪندڙ وفاقي سرڪار پنهنجي هڪ به اهڙي اسپتال ڏيکاري، جيڪا ٽنهي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهي، اُن کانپوءِ وفاق جو مطالبو مڃيو ويندو.
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ ڪورونا وائرس کي نظر انداز ڪيو ويو، سنڌ وفاق کي اپيل ڪري ٿي ته ڪورونا کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، موجوده حڪومت ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ قوم کي گڏ کڻي هلڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وفاقي بجيٽ کي سڀني سياسي جماعتن رد ڪيو آهي، وفاقي بجيٽ ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ پئسا ناهن رکيا ويا.
وفاق کي هر صوبي کي هيلٿ جي حوالي سان فنڊ ڏيڻ گهرجي، چيو وڃي ٿو ته صحت جي مسئلن کي صوبا پاڻ منهن ڏين، هارين کي سهولتون ناهن ڏنيون ويون، زراعت لاءِ به سپورٽ ناهي ڪيو ويو، ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي، رينجرز تي ٿيل حملن جي سخت مذمت ڪيان ٿو، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
سنڌ سرڪار سنڌ دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي، موجوده حڪومت ڪورونا صورتحال ۾ تڪراري مسئلا اٿاريا آهن
هن وقت سڄي دنيا ۾ جيڪا ذميوار قيادت آهي اها هن صورتحال ۾ ذميواري نڀائي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هتي پي ٽي آءِ حڪومت جوڳو ڪردار ادا نه ڪيو، فخر ڪيان ٿو ته سنڌ حڪومت مشڪل وقت ۾ ڪم ڪندڙن کي سپورٽ ڪيو آهي.
آمريڪا ۾ پوليس واري هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي، حڪومت چئليجنز کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، سنڌ سرڪار سنڌ دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي، موجوده حڪومت ڪورونا صورتحال ۾ تڪراري مسئلا اٿاريا آهن، ڪورونا صورتحال دوران پيپلزپارٽي سڀ تقريبون ختم ڪري ڇڏيون آهن.
اسان ڪورونا بچاءُ لاءِ هر قدم کڻي رهيا آهيون، اوهان ڏسي رهيا آهيو ته اسان کي ماسڪ پهريل آهن. پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ججز جي جاسوسي معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ گهرجي، جسٽس فائز عيسيٰ جي جاسوسي جو معاملو سامهون آيو، هي سنجيده معاملو آهي.