رتوديرو(عطاءُ الله بروهي) رتوديرو ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران سائين نثار صديقي۔عطا محمد ڀنڀرو ۽ تاج بلوچ جي ياد ۾ ادبي ريفرنس. سنڌ جي ناميارن خوبصورت تعليمي ماهرن اديبن ۽ شاعرن کي زبردست ڀيٽائون پيش.
تفصيل موجب سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو پاران تازو وڇڙي ويل سنڌ جي عظيم انسانن تعليمي ماهر سائين نثار صديقي۔ بيباڪ اديب عطا محمد ڀنڀرو ۽ معروف شاعر تاج بلوچ جي ياد ۾ تعزيتي ادبي رفرنس ´العباس منزل` تي ٿي گذريو جنهن ۾ کين زبردست انداز سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔ رفرنس کي خطاب ڪندي مزاحمتي شاعر ساقي ابڙو چيو ته سنڌ جي مھڪندڙ مٽيء هميشه عظيم انسان پيدا ڪيا آهن سائين نثار صديقي۔ سائين عطا محمد ڀنڀرو ۽ سائين تاج بلوچ سنڌ ڌرتي جا عظيم انسان ۽ يگانه ڪردار آهن۔ تعليم۔ علم۔ ادب ۽ شاعري جي ميدان ۾ ڪيل سندن ڪوششون ناقابل فراموش آهن۔ نامياري اديب ملهار سنڌي چيو ته سنڌي ادبي سنگت پنهنجي محسنن کي ڪڏهن به ناهي وساريو سدائين کين مانُ۔مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيندي رهندي آهي اڄوڪو هي تعزيتي رفرنس به ان جي هڪ ڪڙي آهي۔ ڪالم نگار ايم بي ابڙو چيو ته اها قوم مرده قوم هوندي آهي جيڪا پنهنجن ڏاهن ماڻهن کي ياد نه ڪندي آهي۔ اسين سنڌي زنده قوم آهيون ۽ پنهنجي قومي هيروز کي هميشه ياد ڪري زنده قوم هجڻ جو ثبوت ڏيندا آهيون۔نعيم بخاري چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو اسانکي نثار صديقي۔ عطا محمد ڀنڀرو ۽ تاج بلوچ جهڙا عالم۔ اديب ۽ تعليمي ماهر مليا جن علم و ادب۔ تعليم ۽ سنڌ سان عشق ڪيو۔ ناليواري عوامي شاعر سيد اختيار شاه چيو ته نثار صديقي۔ عطا محمد ڀنڀرو ۽ تاج بلوچ جهڙا ڏاها ۽ سچا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا سندن وڇوڙي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي۔ ادبي رفرنس کي مٿين کان علاوه نشاط ٿهيم۔ باغي بلوچ۔ سرواڻ ساقي ابڙو۔ قربان علي ٻپڙ۔ سميع ميمڻ۔ مجيد سنڌي ۽ ٻين پڻ سندن زندگي۔ تعليمي ۽ ادبي ڪاوشن تي ڀرپور روشني وڌي وئي.