سيوهڻ شريف (رپورٽر): سيوهڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي سيوهڻ تعلقي ۾ مسلسل وڌنڌڙ بدامني خلاف ايس يو پي آفيس سيوهڻ کان قلندري پريس ڪلب سيوهڻ تائين احتجاجي ريلي وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.
سيوهڻ ۾ احتجاجي مظاهري کي ايس يو پي اڳواڻ ضلعي ڄامشورو جي صدر درياءِ خان لغاري ، تعلقا سيوهڻ صدر علي اصغر سولنگي ، جسقم جي اڳواڻ اڪبر ملاٍح ، غلام شبير ٻرڙو ، علي نواز رند آزاد منصور چنه ۽ٻين خطاب ڪيو.
تفصيل موجب اڄ سيوهڻ وڏي وزير جي تڪ ۾ بدامني جي ڪري شهري سخت پريشاني ۾ شهري راتيون جاڳي گذارڻ لڳا ، سيوهڻ شهر اندر وڌندڙ بدامني ، چوري ۽ ڦورن جي آزار خلاف شهري ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سڏ تي ڪارڪن ، ورڪر روڊن تي نڪري آيا ، قلندري پريس ڪلب سيوهڻ آڏو سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ شهرين جو ڌرڻو ، ڌڻي ۾ ايس يو پي جي اڳواڻن چيو ته سيوهڻ وڏي وزير جي تڪ ۾ بدامني خراب حڪمراني جو مثال آهي ، سيوهڻ ۾ سالن کان مقرر ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ، بدامني جا زميوار آهن.
سيوهڻ سميت سڄي تعلقي ۾امن امان بحال ڪري ڪري ڦر ۽ چورين ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي ، سيوهڻ ۾ سالن کان مقرر ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي هٽائي امن امان بحال ڪيو وڃي ، وڌيڪ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيوهڻ ۾ سالن کان مقرر پوليس عملدار منشيات فروش , ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل ۽ ڀاڱي ڀائيوار آهن ، وڌيڪ اڳواڻن جو چوڻ آھي ته سيوهڻ ۾ سالن کان مقرر پوليس عملدارن کي نه ھٽايو ويو ته سڄي ضلعي اندر احتجاج ڪيو ويندو.