ڪنڌڪوٽ (عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ م وڌندڙ بدامني کي روڪڻ لاء ايس ايس پي ڪشمور جي حڪم تي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي ڪچي جي علائقن م آپريشن ٺڪاڻن کي باھيون شڪ جي بنياد تي 10 کان وڌيڪ گرفتار. ايس ايس پي ۽ ايس اصيڇ او گبلو گل محمد مهر جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي جي پوليس ڌاڙيل جي آپريشن شروع ڪري ڏنوآهي ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ شھر م وڌندڙ بدامني کي روڪڻ لاء ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ جي حڪم تي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري بڪتربند گاڏيون پوليس موبائل ساڻ ڪري سنڌو درياھ جي ڪچي ڪيٽي دراني مھر ء پي ايس گبلو ٿاڻي جي حد م پوليس جون ڌاڙيل جي خلاف ايس ايڇ او گل محمد مھر جي اڳواڻي م آپريشن ڪيو ويو پوليس پاران ڌاڙيلن جي 10 اوطاقن ء گهرن کي باھيون ڏئي ڇڏيون پوليس شڪ جي بنياد 12 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪ.ي پئي وڃي جن کان جاچ شروع ڪري ڏني ان سلسلي م ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ رابطي تي ٻڌايو ته ضلعي جي پوليس ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪري رهي آهي اڳ م به ڪاميابيون مليون آهن عوام جي دعا سان پوليس کي ھاڻي به ڪامياب ملنديون ھن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيل پنهنجو پوليس حوالي ڪن ٻي صورت م ڌاڙيلن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ڏوھارين جي گرفتاري جاري رھندي ايس ايڇ او گبلو گل محمد مھر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ جي حڪم تي دراني مھر گبلو ڪچو ڪيٽي ۽ ٻين علائقن آپريشن ڪري ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي باھيون ڏنيون ويون آهن ھن وڌيڪ چيو ته 10 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن جنهن جي جاچ ڪري رھيا آھيون ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن جاري رھندي .