راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي ) ميجر جنرل بابر افتخار گلگت بلتستان ۾ لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي فوج جي مقرري بابت ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو.
ان حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته ڀارتي اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا طرفان گلگت بلتستان ۾ لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي پاڪ فوج جي واڌو مقرري ۽ چين طرفان اسڪردو ايئر بيس جي مبينا استعمال واري ڪوڙي دعويٰ، غير ذميواراڻي ۽ حقيقت کان عاري آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته اهڙي ڪا به چرپر ناهي ٿي ۽ نه ئي واڌو فورسز جي شموليت عمل ۾ آئي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ چيني فوج جي موجودگي جي دعويٰ جي به سختي سان ترديد ڪيون ٿا.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ايل اي سي تي چيني فوج جي مقررين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ايل او سي تي 20 هزار جي لڳ ڀڳ واڌو فوج مقرر ڪئي آهي.