ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي زيدي لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ جي ويجهي ساٿي حبيب جان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي آهي.
علي زيدي طرفان سماجي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل وڊيو ۾ عزير بلوچ جي ساٿي حبيب جان هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته 2012ع م لياري آپريشن کانپوءِ پيپلزپارٽي عزير بلوچ سان ٻيهر رابطو ڪيو ۽ لياري آپريشن تي ناراض عزير بلوچ کي راضي ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي هن کي 5 ڪروڙو رپيا ڏنا.
حبيب جان جو چوڻ آهي ته لياري آپريشن کانپوءِ عذير بلوچ ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ هن جي دعوت تي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، فريال ٽالپر ۽ شرميلا فاروقي اتي ويا. حبيب جان انٽرويو ۾ وڌيڪ چئي ٿو ته سندس آفيس تي حملو ٿيو جنهن ۾ هن جو ڀاءُ شهيد ٿيو، چوڌري اسلم، پيپلزپارٽي ۽ رحمان ملڪ سمورن مسلن جو کيس ذميوار سمجهندا هئا.
گروپ پوري ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ تائين بدلي ڪندو هو
عزير بلوچ طرفان پوليس آفيسرن جي بدلي واري سوال تي حبيب جان جو چوڻ هو ته هڪ گروپ پوري ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ تائين بدلي ڪندو هو. حبيب جان جو چوڻ آهي ته آصف زرداري عزير بلوچ سان ملاقات ڪئي جيڪي اهم ملاقات هئي، عزير بلوچ مون کي فون ڪري ٻڌايو ته آصف زرداري مون سان ملڻ چاهي ٿو ۽ قادر پٽيل سان گڏ وڃڻو آهي.
حبيب جان جي موجب آصف زرداري جي خواهش هئي ته سندس ويڳو ڀاءُ مظفر ٽپي لياري مان چونڊ وڙهي، جنهن تحت مظفر ٽپي 50 گاڏين جي اسڪواڊ سان گڏ لياري پهتو، جنهن سان جهِيڙي جو بنياد شروع ٿيو. حبيب جان جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي عذير بلوچ سان ملاقات ٿي ان وقت قادر پٽيل به موجود هو، جڏهن حڪومت خطري ۾ آئي ته عزير بلوچ جا پيپلز پارٽي سان واسطا ختم ٿي ويا. وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سموري دُنيا ۾ وائکي ٿي وئي آهي، پ پ جي حڪومتي دور ۾ ڏوهه ۽ سياست گڏوگڏ هلندا رهيا.