ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن بابت آرڊيننس متعارف ڪرايو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ڪلڀوشن يادو بابت مبينا آرڊيننس جي ڪاپي ٽئٽر تي شيئر ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ڪلڀوشن يادو جي حوالي سان سليڪٽڊ حڪومت ڳجهو آرڊيننس برداشت جوڳو ناهي.
بلاول چيو ته سليڪٽڊ حڪومت کان اسان ڳجهي آرڊيننس تي جواب گهرون ٿا ۽ احتساب جو مطالبو ٿا ڪريون، وزيراعظم کي هاڻ گهر وڃڻ گهرجي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي ٻيون ڀيرو قونصل تائين پهچ ڏني وئي هئي ڀارتي معاملن جي ناظم گورو آهلوواليا اسلام آباد ۾ هڪ ڳجهي جاءِ تي ملاقات ڪئي هئي. اڄ پاڪستان حڪومت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو کي ٽيون ڀيرو قونصل تائين پهچڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.