اسلام آباد (بيورو) زال جي قاتل مڙس کي رعايت ڏيڻ سان فساد وڌڻ جو خدشو آهي، سُپريم ڪورٽ گهرو اڻبڻت ۽ غيرت جي نالي تي زالن جي قتل وارن واقعن تي معاونت لاءِ اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.
جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ گهرو اڻبڻت ۽ غيرت جي نالي تي زالن جي قتل وارن واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، زال جي قاتل کي رعايت ڪيئن ڏيون؟
عدالت ڌُرين وچ ۾ ٺاهه تي ٺپو لڳائڻ لاءِ نه ويٺي آهي، زال جي قاتل مڙس طرفان ٺاهه بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران ڌُرين کي فساد في العرض واري نطقي تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو.