ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ملڪ جا 19 وڏا ادارا خانگائڻ واري وفاقي فيصلي جي مخالفت ڪندي چيو آھي ته وفاقي حڪومت اسٽيل ملز، روزويلٽ، سروس انٽرنيشنل هوٽل لاهور،بلوڪي پاور، حويلي بهادر پلانٽ نندي پور، گڊوپاور پلانٽ،اسٽيٽ لائف، او جي ڊي سي ايل، پي ايس او، سنڌ انجنيئرنگ کي خانگائڻ جي سازش ڪري پئي.
صوبائي وزير زراعت محمد اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته وفاق کي ڄامشورو پاورجنريشن ۽ لاکهڙا پاورپلانٽ سمیت ڪوبہ ادارو وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين، وفاق جو اهڙو فيصلو بدنيتي تي مبني آهي، فيصلي جي مخالفت ڪيون ٿا.
صوبائي وزير چيو ته هي ادارا ڀڳڙن جي مٺن تي عمران خان جي اي ٽي ايم مشينز جي حوالي ڪيا ويندا، اها نجڪاري قومي مفاد جي لاءِ ناهي بلڪي پنهنجا نوازي پاليسي جو حصو آهي، ادارا فروخت ڪرڻ سان 32 هزار 755 ملازم بيروزگار ٿيندا، سنڌ حڪومت 32 هزار کان وڌيڪ خاندانن جي گهرن جو چلهو وسامڻ نه ڏيندو،سنڌ حڪومت سليڪٽيڊ حڪومت کي ادارا وڪرو ڪرڻ ۽ نه ئي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ ڏيندي.
ھن چيو ته عمران خان ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بجاء لکين نوجوانن کي بيروزگار ڪري رھيو آھي، عمران خان ملڪ جي حالت افغانستان کان به بدتر ڪري ڇڏي آھي.