ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا ۽ 513 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
صوبي ۾ فوتين جو انگ 2162 ٿي ويو ۽ هڪ لک 18 هزار 824 وائرس متاثر آهن، جن مان هڪ لک 8 هزار 480 صحتياب ٿي ويا.
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس بابت بيان جاري ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ 8 هزار 742 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 513 مريض ظاهر ٿيا.
هيل تائين 7 لک 18 هزار 548 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان هڪ لک 18 هزار 548 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن.هن چيو ته وڌيڪ 11 مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 21 سئو 62 ٿي ويو آهي.
وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 77 مريض صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ هڪ لک 8 هزار 480 ٿي ويو آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ 8 هزار 182 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 7 هزار 655 گهرن، 6 آئسوليشن مرڪزن ۽ 521 مختلف اسپتال ۾ داخل آهن، صوبي ۾ 422 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 67 وينٽيليٽر تي آهن.
وڏي وزير چيو ته نون ڪيسن مان 138 ڪيس ڪراچي ۾ سامهون آيا، جن مان ڏکڻ ضلعي ۾ 38، اوڀر ۾ 43، سينٽرل ۾ 20، ڪورنگي ۾ 20، ملير ۾ 9 ۽ اولهه ضلعي ۾ ڪيس ظاهر ٿيا.
سيد مراد علي شاهه چيو ته شڪارپور ۾ 32، گهوٽڪي ۾ 31، حيدرآباد ۽ سکر ۾ 26-26، شهيدبينظير آباد ۾ 23، خيرپور ۾ 20، بدين ۽ ڪشمور ۾ 19-19، ميرپورخاص ۾ 17، لاڙڪاڻي۽ ڄامشوري ۾ 14-14، ڪيس ظاهر ٿيا.
وڏي وزير چيو ته نوشهري فيروز ۽ سانگهڙ ۾ 13-13، عمرڪوٽ ۾ 10، ٽنڊي محمد خان 8، دادو ۾ 7، قمبر ۾ 6، جيڪب آباد ۾ 5، سجاول ۾ 4، مٽياري ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 3-3، ٺٽي ۾ 2 ڪيس ظاهر ٿيا.
وڏي وزير عوام کي ايس او پيز تي عمل جي هدايت ڪندي چيو ته ڪورونا کان بچڻ لاءِ حفاظتي اپائن تي عمل ضروري آهي.