مبارڪپور (قربان مھر) مبارڪپور جي صحافين جو ٺل پريس ڪلب مٿان پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو، ايس ايس پي جيڪب آباد کي هٽائڻ جي گهر.
خبرموجب ؛ پريس ڪلب مبارڪپور جي صحافين قائم مقام صدر بهادر ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ساگر مهر، ممتاز ڀٽو، مهر قربان، محمود ڀٽو ، محمد عثمان مهر، ۽ ٻين پريس ڪلب ٺل مٿان اي سيڪشن پوليس جي چڙهائي خلاف مسجد چوڪ تي هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي قلم ڌڻين خطاب ڪندي چيو تہ پريس ڪلب اسان صحافين جا ٻيا گهر آهن جن تي پوليس چرهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ٺل پوليس جي ايس ايس پي جيڪب آباد طارق نواز بہ حمايت ڪندي ايس ايڇ او .اي سيڪشن ٺل کي هٽائڻ کان جواب ڏنو، جنهن تي اسان ايس ايس پي جيڪب آباد جي اهڙي عمل جي بہ مذمت ڪيون ٿا، صحافين ايس ايس پي جيڪب آباد کي هٽائڻ جي بھ.گهر ڪئي.