مبارڪپور (رپورٽر ) مبارڪپور جي موسي الله آباد شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، پڇڙي جي آبادگارن جو مظاهرو، پاڻي نہ هجڻ ڪري اسان جا بيٺل ٻيجارا سڪي سڙي رهيا آهن. وقت تي پاڻي نہ آيو تہ اسان جي پوکائي متاثر ٿيندي؛ آبادگار ، آبپاشي عملدار مٿان پاڻي وڪرو ڪرڻ جا الزام.
خبرموجب؛ مبارڪپور ويجهو هزاري ايڪڙ زمينون آباد ڪندڙ موسي الله آباد شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، پاڻي جي شديد کوٽ هجڻ سبب پڇڙي جي آبادگارن محمد بخش بروهي،علي محمد بروهي، نثار بروهي، ٽڪري موسي بروهي، لياقت بروهي، مٺل بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موسي الله آباد شاخ جي پل تي هڪ احتجاجي ڪيو.
ان موقعي تي آبادگار ۽ هارين صحافين اڳيان ڌاهيندي چيو تہ اسان جي موسي الله آباد شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، پاڻي جي کوٽ هجڻ ڪري اسان جا سارين جا ٻجارا وڏا ۽ سڪي سڙي رهيا آهن، جنهن تي اسان سخت پريشان آهيون.
هنن وڌيڪ چيو تہ شاخ ۾ وقت تي پاڻي نہ آيو تہ اسان جي سارين جي پوکائي متاثر ٿيندي جنهن تي اسان لکين روپين جو نقصان ٿيندو ان سان گڏ اسان جا ٻچا پکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿيندا آبادگارن چيو تہ آڀپاشي جا عملدار شاخ جو پاڻي بااثرن ۽ ماڻهن کي وڪري ڪري رهيا آهن، جنهن تي اسان پچڙي وارن آبادگارن ڏي پاڻي نہ ٿو پهچي، آبادگارن ۽ هارين انتظاميا کي اپيل ڪندي چيو تہ اسان جي شاخ ۾ پاڻي جلد کان جلد ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائينداسي.