ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ، قانوني صلاحڪار ، ماحوليات ۽ ساحلي ترقي بيريسٽر مرتضيٰ وهاب اڱاري ڏينهن نوري آباد صنعتي زون جو دورو ڪيو. هن نوري آباد ۾ ٻن صنعتي يونٽن تي ايفلوئنٽ ٽريٽمنيٽ پلانٽس جو پڻ افتتاح ڪيو.
نوري آباد صنعتي زون جو سڀ کان وڏو ٽريٽمينٽ پلانٽ آهي جيڪو هر ڏينهن 15 لک گيلن گندي پاڻي کي ٽريٽ ڪري ان کي قابل استعمال بڻايو ويندو. ان موقعي تي ڊي جي سيپا منير عباسي، عمران عباسي ، نوري آباد سائيٽ ايسوسي ايشن جي عهديدارن ماحولياتي صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ هئا. ماحولياتي صلاحڪار نوري آباد چيمبر ۾ وڻ پڻ پوکيو ،
نوري آباد چيمبر ۾ منعقد تقريب ۾ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنهن ڏينهن اسان سڀني هڪ تبديلي آڻڻ جو عزم ڪيو ، اها حقيقت ٿي سگهي ٿي. آئون نوري آباد جي انهن صنعتڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جنهن پنهنجي 90 سيڪڙو ڪارخانن ۾ efluent treatment plant نصب ڪيا آهن.
هن چيو ته هتي ساوڪ جا وڻ ۽ ٻوٽا ڏسي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. ٻوٽا پوکڻ صدقه جاري آهي ٻوٽا پوکڻ سان گڏ انهن جو خيال رکڻ به پڻ ضروري آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب نوري آباد جي صنعتڪارن کي ان جي پلاٽن جي ملڪيت جو قانوني حق ڏيارڻ جي يقين دهاني ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ تي پيپلز پارٽي جا ميمبر قومي اسيمبلي ۾ آواز بلند ڪندا رهندا آهن پر وفاقي حڪومت ڪائي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.
سنڌ جي صنعتڪارن يا سنڌ جا گھريلو صارفين ، اهي سڀ گيس ۽ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ مان پريشان آهن ۽ نااهل حڪمران صرف چين جي بانسري وڄائي رهيا آهن. هن ونڊ پاور منصوبو ۽ نوري آباد روڊ جي تعمير جلد مڪمل ڪرڻ جي پڻ يقين دهاني ڪرائي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين مهمانن کي نوري آباد چيمبر طرفان خاص شيلڊ ، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا.