اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيئرمين قومي احتساب بيورو(نيب) جسٽس(ر) جاويد اقبال آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ ان جي ٻن پٽن حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
.نيب موجب شهباز شريف ۽ ان جي پٽن 7 هزار 328 ملين جا اثاثا ٺاهيا آهن. شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ سلمان شهبا زکي هڪ ئي ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.
نيب طرفان جاري ڪيل بيان موجب نيب چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي خلاف به ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيب موجب گهرو وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل هفتي نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو هو ته ڪرپشن جي ڪيسن ۾ 30 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيڻ ممڪن ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ نيب چيئرمين چيو هو ته 50-50 گواهه ٺاهڻ قانوني مجبوري آهي.هلندڙ احتساب عدالتي ڪيسن جو وزن کڻڻ جي لاءِ اڻپورا آهن. نيب چيئرمين چيو هو ته حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته نيب عدالتن جو انگ وڌايو وڃي ڇو ته ڪيسن جو انگ وڌيڪ هجڻ سبب ٽرائل ۾ دير ٿي رهي آهي.