ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف اڳواڻ خرم شير زمان ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ مضبوط مڪاني نظام آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻن ڪلاڪن جي برسات ڪراچي شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شير زمان چيو ته برسات صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي.
هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا چئي رهي آهي ته ڪراچي شهر ٻڏي ويو آهي پر صوبائي وزير دعوائون ڪن ٿا ته حالتون بهتر آهن. سندس چوڻ هو ته پ پ سبب عالمي سطح تي ملڪ بدنام ٿي رهيو آهي، اربين رپين جي ڪرپشن جو جواب ڪير ڏيندو؟
خرم شير زمان چيو ته پ پ ملڪ مان ختم ٿي سنڌ جي هڪ حصي تائين محدود ٿي وئي آهي. هن چيو ته پ پ ۽ زرداري ٽولي جي حڪومت سبب هر مصيبت سنڌ ۾ اچي ٿي، ڪراچي شهر کي مضبوط مڪاني نظام جي ضرورت آهي.