ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ رڳو نالن جي صفائي سان پاڻي جي نيڪال جو مسئلو حل نه ٿيندو، پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي عمارتون ٺهي ويون آهن نالن تي حددخليون آهن، جنهن سبب برساتي پاڻي نه ٿو نڪري.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ چوماسي جي موسم بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، ڪراچي جي ڪمشنر، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي عمارتون ٺهي ويون آهن نالن تي حددخليون آهن، جنهن سبب برساتي پاڻي نه ٿو نڪري.
هن چيو ته رڳو برساتي نالن جي صفائي سان پاڻي نيڪال جو مسئلو حل نه ٿيندو، مڪاني ادارن وٽ جامع رٿابندي ۽ مڪينزم هجڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته جڏهن 30 ملي ميٽر برسات ٿئي ته ڪهڙي ايس او پي هوندي 40 ملي ميٽر برسات پوڻ تي ڇا حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي؟
مڪاني ادار واري وزير ناصر شاهه چيو ته برسات دوران هو روڊن تي هو، برسات بيهندي ئي اهم روڊن تان پاڻي ڪڍيو ويو، ڪجهه هنڌن تي نالا چوڪ ٿيا، جنهن سبب مسئلا ٿيا. وڏي وزير هدايت ڪئي ته شهر ۾ جن روڊن ۽ نالن جي ڊزائن ٺيڪ ناهي، انهن کي ٺيڪ ڪيو وڃي، کيس انهن علائقن جا تفصيل گهرجن جتي گهرن اندر پاڻي ويو آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته شهر جي سمورين 28 سب ڊويزنن جو پلان ڏنو وڃي، هو هر ڊويزن تي وزير يا صلاحڪار جي ڊيوٽي لڳائيندو، کيس واٽر بورڊ، ايس ايس ڊبليو ايم اي، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي جي بهترين انجنيئرن سان صلاح مشورا ڪري بهترين پلان ڏنو وڃي.