ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اي ٽي سي ۾ لياري گينگ جي سربراهه عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ ڪالعدم پيپلز امن ڪميٽي جي اڳواڻ حبيب جان بلوچ هڪ وڌيڪ ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو.
عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته روپوش جوابدار حبيب جان، اقبال احمد ۽ جمشيد سنارا گرفتار ناهن ٿيا، جاچ آفيسر جي اهڙي آگاهي بعد عدالت ٽنهي جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.