ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته 12 سال حڪومت ڪندڙ پ پ سرڪار گٽرن جا پيسا به نه ڇڏيا آهن.
حليم عادل شيخ، پارٽي اڳواڻ آصف ڀاشاني سان گڏ ڪراچي جي علائقي جي اورنگي ٽائون ۾ برسات متاثر علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته برسات سبب سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿوته نالن جي صفائي جا پيسا به ڪرپشن جي ور چڙهي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت متاثر علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائي.
ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، برسات دوران گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان عارف قريشي جي وارثن سان تعزيت ڪئي. حليم عادل شيخ، فوت ٿي ويل عارف قريشي جي بيمار ڀاءُ ۽ وارثن جي بيت المال طرفان مالي مدد جو اعلان پڻ ڪيو.
ان موقعي تي پي ٽي آءِ اولهه ضلعي جي اڳواڻ آصف ڀاشاني چيو ته سنڌ حڪومت اورنگي ٽائون ۽ ڀرپاسي جي علائقن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. هن چيو ته سندن علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو ته احتجاج ڪيو ويندو.