ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ميمبرن پنهنجي ئي پارٽي جي باغي ميمبرن تي حملو ڪري ڏنو.
سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض ايم پي ايز کي مبينا کنڀڻ جي ڪوشش دوران پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرز ۾ جهيڙو ٿي پيو، ايوان جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پي ٽي آءِ جا باغي ايم پي ايز شهريار شر، اسلم ابڙو ۽ ڪريم بخش گبول سنڌ اسيمبلي پهتا ته پ پ پاران آجيان ڪرڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز ڪاوڙجي پيا ۽ کين مبينا طور کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي.
پيپلز پارٽي طرفان باغي ايم پي ايز کي بچائڻ جي ڪوشش دوران جهيڙو شروع ٿي پيو، جنهن دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز هڪٻئي کي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، ان دوران اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي باغي ميمبرن چيو ته تحريڪ انصاف قيادت ٻهراڙي سنڌ ۽ سينيئر اڳواڻن کي نظرانداز ڪيو، سينيئرن جي موجودگي ۾ فيصل واوڊا کي ٽڪيٽ ڇو ڏني وئي؟ اسان کي اغوا نه ڪيو ويو پر پنهنجي ضمير موجب ووٽ ڏينداسين. پي ٽي آءِ باغي ايم پي ايز اسلم ابڙو ۽ شهريار شر چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرز باغي اڳواڻ ڪريم بخش گبول کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪريم بخش گبول اسان سان گڏ پي ٽي آءِ کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسلم ابڙو ۽ شهريار شر پيپلز پارٽي هٿان يرغمال بڻجڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان ٻار نه آهيون جو ڪير اسان کي اغوا ڪري وڃي، پي ٽي آءِ وارا ڊراما بند ڪن، اسان جو ضمير اجازت نٿو ڏئي ته پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيون، پارٽي ۾ آهيون ۽ رهنداسين.
هنن چيو آهي ته اسان اڍائي سال سنڌ جي گورنر اڳيان دانهيندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو، اسان کي اميد هئي تبديلي ايندي پر نه آئي. هنن چيو آهي ته وزيراعظم کي سب دوکي ۾ رکي رهيا آهن، هتي ڪير به ليڊر نه آهي، اندروني سنڌ کي هنن نظر انداز ڪيو ويو آهي، اُتان جو ڪو به وزير نه آيو ۽ سينيئر اڳواڻن کي به نظر انداز ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي جي جهيڙي بعد پي ٽي آءِ ميمبرز مبينا طور باغي ايم پي اي ڪريم بخش گبول کي مبينا طور کنڀي ويا. پي ٽي آءِ ميمبرز ايم پي اي ڪريم بخش گبول کي سنڌ اسيمبلي ٻاهران بيٺل ڪار ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ وٺي ويا. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پهرين اسان سمجهيو ته ڪريم بخش گبول کي کنڀيو پيو وڃي، پر ڪريم بخش گبول ٻڌايو ته هو مرضي سان وڃي رهيو آهي، اُن کانپوءِ پيپلز پارٽي ميمبرز پوئتي هٽي ويا. صحافين سان
ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو آهي ته اغوا ۽ پيسن وارن الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، پي ٽي آءِ جا ٽئين ميمبرز پنهنجي مرضي سان آيا هئا ۽ پي ٽي آءِ قيادت سان ناراضگي جو اظهار ڪيو. هن چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، سڀني ميمبرن کي حق آهي ته هو جنهن کي چاهين ووٽ ڏين. صوبائي وزير چيو آهي ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرز به پنهنجي پارٽي کان ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، هر جڳهه تي هنن جا پنهنجا ماڻهو هن جي پاليسز کان تنگ آهن.