تنگواڻي (رپورٽ: سنڌ نيوز آن لائن) ڪنڌڪوٽ ڪچي جي علائقي دراني مهر ۾ پوليس جاگيراڻي ۽ ڀيا گينگ ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي.
پوليس ۽ ڌاڙيلن آپريشن دوران هڪ ٻئي تي راڪيٽ لانچر فائر ڪيا. ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو .
دراني مهر ڪچي ۾ پوليس آپريشن جاري آهي ايس ايڇ او غلام قادر جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڀيا ۽ جاگيراني گينگ خلاف پوليس آپريشن جي ايس ايس پي امجد شيخ پوليس آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي.
پوليس جي وڏي نفري سان گڏ جديد مشينري ۽ پوليس ڪمانڊوز آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ليسوڙا چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جو تبادلو ٿيو، پوليس ۽ ڌاڙيلن هڪ ٻئي تي 10 منٽن کان وڌيڪ فائرنگ ڪئي ، راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا.
ٻئي طرف جديد هٿيارن فارينگ جو تبادلو ڪري رهيا آهن پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. پوليس ڪچي جي علائقن جي ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو آهي.
رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل ليسوڙا چيڪ پوسٽ تي پوليس تي فائرنگ ڪري ڇڏي هئي. هن چيو ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي ۽ اهو سڀ وقت تائين جاري رهندو جيستائين سموري مغوي کي بازياب نه ڪرايو وڃي…