سکر(بيورو رپورٽ) آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر سميت انتظاميا تي جنسي حراسان ڪرڻ جا الزام هڻندڙ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ ليب انٽرني بختاور سومرو سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مان جيڪا ويڊيو يونيورسٽي جي مسجد ۾ ٺاهي هئي. اها 100 سيڪڙو سچي آهي.
يونيورسٽي ۾ ڪرپشن ڪندڙن ڪوڙ ڳالهائيندڙن ۽ عزتون وڃائيندڙن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي. آءِ بي اي يونيورسٽي جي مرحوم وائيس چانسلر نثار احمد صديقي اسان سڀني جو آئيڊيل هو. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ليڪچرار، پروفيسر، ايڇ او ڊيز وارڊن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرين کي جنسي حراسان ڪندا آهن. اهڙي ويڊيو رڪارڊ ڪري جاري ڪرڻ تان اسان تي دٻاءُ وجھي مرحوم نثار احمد صديقي جي پٽ جو نالو وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته جيڪڏهن يونيورسٽي جي وي سي سميت عملدارن تي منهنجا لڳايل الزام غلط آهن ته ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي وڃي. مان پنهنجي پهرين ويڊيو بيان تي اڄ به قائم آهيان. ھن چيو وائيس چانسلر نثار احمد صديقي کان پوءِ شاگردياڻين سان جنسي حراسمينٽ ۾ واڌ آءِ بي اي ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين کي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ جنسي تعلقات رکڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو جيڪي شاگردياڻيون انڪار ڪن ٿيون انھن کي فيل ڪيو وڃي ٿو، يونيورسٽي ۾ ميرٽ نالي جي ڪابه شي ناھي گرلز ھاسٽل جي وارڊن، پروفيسر، ايچ او ڊيز سميت سيڪيورٽي گارڊ ۽ ٽرانسپورٽ جا ڪجھه ماڻھون ان ڪم ۾ ملوث آھن.
وارڊن زويا، ۽ وارڊن مريم ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردياڻين کي ٽارچر ڪن ٿيون، شاگردياڻي اپيل ڪندي چيو آھي ته آءِ بي اي ۾ پڙھندڙ ڇوڪرين جي عزت بچائي وڃي ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته الزام ھيٺ آيل ڌر ئي انڪوائري ڪئي آهي ڇو ته مونکي پھرين وڊيو بعد ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھاسٽل ۾ يرغمال بڻائي قيد ڪيو ويو موبائيل فون ۽ ليپ ٽاپ به مون کان کسي ورتا ايس ايس پي سکر عرفان سمون ليڊيز پوليس اھلڪارن جي موجودگي ۾ منھجي گھر ڀاتين کي اغوا ڪرائي ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏيئي زبردستي نثار صديقي جي پٽ جي نالي وڊيو رڪارڊنگ ڪرائي ھئي پر مان ھن وقت تائين پنھجي پھرين بيان تي قائم آھيان . وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت انصاف ڏيندڙ ادارن کي اپيل ڪجي ٿي ته ظلم ۽ نا انصافي کي روڪڻ لاءِ ايف ائي اي کان جاچ ڪرائي وڃي مان ثبوتن سان گڏ بيان رڪارڊ ڪرائيندس ته جيئن آئي بي اي ۾ رھندڙ وحشي صفت انسانن جي اصليت ظاھر ٿي سگھي.