اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): آرمي چيف جي سعودي عرب جي دوري کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سڀاڻي سعودي عرب جي 3 ڏينهن جي دوري لاءِ روانو ٿيندو.
وزيراعظم سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينه ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو.
ان حوالي سان پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاهد حفيظ چيو آهي ته دوري دوران علاقائي ۽ گڏيل تعاون جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
وزيراعظم معيشت، توانائي، واپار، سرمائيڪاري تي سعودي قيادت سان ڳالهيون ڪندو.
هن چيو ته وزيراعظم جي سعودي قيادت سان ڳالهين ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي شعبن کي به شامل ڪيو ويندو. ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ بين الاقوامي معاملن تي به ڳالهيون ڪنديون.