ڪراچي (شوبز نيوز): فلم“ڪاف ڪنگنا” جي اداڪاره ايشل فياض چيو ته سندس ويڳي پيءُ ساڻس ڪيترائي ڀيرا جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي.
اداڪاره هڪ شو دوران ننڍپڻ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن هوءَ ٽي يا چار سالن جي هئي ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو هو جنهن کانپوءِ سندس ماءُ ٻي شادي ڪئي.
هن چيو ته هڪ دفعو نه پر ٽي ڀيرا جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن چوٿون ڀيرو هن ڪوشش ڪئي ته مون پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو، هوءَ اهڙو واقعو ٻڌائيندي روئي پئي ۽ چيو ته جڏهن به کيس اهڙو واقعو ياد ايندو آهي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، ان کان پوءِ امان ۽ ويڳي پيءُ ۾ طلاق ٿي وئي ۽ طلاق جو سبب اهو واقعو هو جنهن کان پوءِ والده ڪڏهن به شادي نه ڪئي.