سکر(بيورو رپورٽ) عمر جان اينڊ ڪمپني جي مالڪ ٺيڪيدار اڪرم پٺاڻ آمريڪا ۾ باڪسنگ جي ڪامياب چيمپيئن عزت الله ڪاڪڙ لاء پنج لک روپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو. خبر موجب سکر جي ٺيڪيدار عمر جان اينڊ ڪمپني جي مالڪ اڪرم خان آمريڪا ۾ باسڪنگ چيمپيئن مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پاڪستاني باڪسر عزت الله ڪاڪڙ کي پنج لک رپيا نقد انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي ۔ياد رهي ته پاڪستاني باڪسر عزت الله ڪاڪڙ جي ڪاميابي جي خوشي ۾ سکر جي ڪاڪڙ هائوس ۾ شاندار تقريب به منعقد ڪئي وئي هئي جنهن ۾ عزت الله ڪاڪڙ ڪرونا لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ بعد سکر جو دورو ڪرڻ جو فون ذريعي اعلان پڻ ڪيو هو۔