اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن لاءِ قرض جي حد 5 ڪروڙ رُپين تائين وڌائڻ جو فيصلو.
ناڻي کاتي جي وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ ڪامياب نوجوان پروگرام بابت اهم فيصلا، پروگرام تحت رقم جي ورڇ لاءِ 4 مختلف ڪيٽيگريز طئه، پهرين ڪيٽيگري ۾ هڪ کان 5 لک رُپين تائين مائيڪرو فنانسنگ ڪئي ويندي، ٻي ڪيٽيگري ۾ 10 لک رُپين مان قرض وڌائي 20 لک رُپيا ڪرڻ جو فيصلو.
ٽئين ڪيٽيگري ۾ رقم جي حد 20 مان وڌائي اڍائي ڪروڙ رُپيا ڪئي وئي، چوٿين ڪيٽيگري ۾ 5 ڪروڙ رُپين تائين قرض ڏنو ويندو، پروگرام تحت رقم جي ورڇ واري عمل ۾ هنگامي بُنيادن تي تيزي آڻڻ جو اشارو.
ناڻي کاتي جي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پروگرام لاءِ هن ئي سال جي بجيٽ ۾ رقم رکي ويندي، پروگرام ملڪي معيشت ۽ انڊسٽري لاءِ انقلابي پروگرام ثابت ٿيندو، منصوبي سان زراعت ۽ ايس ايم اي شعبي کي پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ملندي.