خوشاب (مانيٽرنگ ڊيسڪ): خوشاب ۾ پنجاب اسيمبلي جَي تڪ پي پي 84 ۾ ننڍي چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ اميدوار ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
نون ليگ جو محمد معظم شير ڪلو 73 هزار 81 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي ورتي . حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار علي حسين خان بلوچ 62 هزار 903 ووٽ حاصل ڪري سگهيو . ن ليگ جي اميدوار 10 هزار 178 ووٽن جي ليڊ سان فتح حاصل ڪئي. ٻئي طرف مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پاران پ پ 84 تان ڪامياب ن ليگ اميدوار کي واڌايون ڏنيون ويون آهن.
ميان شهباز شريف جو چوڻ آهي ته خوشاب جي عوام اٽي ۽ کنڊ جي چورن کي رد ڪري ڇڏيو.
ميان شهباز شريف جو چوڻ هو ته محمد معظم شير ڪلو جي ڪاميابي ن ليگ جي ڪيل خدمت جو اعتراف آهي. هن چيو ته نوشهره، ڊسڪه ۽ هاڻ خوشاب جي عوام به ن ليگ تي اعتماد ڪيو آهي، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته هر شهر جي عوام نواز شريف جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.مريم نواز جو چوڻ هو ته رڳو نواز شريف رهجي ويو، باقي سڀ مائينس ٿي ويا آهن .
خوشاب جي عوام به اٽي ۽ کنڊ چورن کي رد ڪري ڇڏيو: شهباز شريف
لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته خوشاب جي عوام به اٽي ۽ کنڊ چورن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
شهباز شريف پي پي 84 خوشاب ۾ (ن) ليگ جي فتح تي ليگي اميدوار معظم شير ڪلو کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مسلم ليگ(ن) پنهنجي دور ۾ جيڪا خدمت ڪئي عوام ان جو اعتراف ڪري رهي آهي.مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته نوشهره، ڊسڪه، وزيرآباد ۽ هاڻ خوشاب جي عوام به (ن) ليگ تي ڀروسي جي مهر لڳائي ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته خوشاب جي عوام مسلم ليگ(ن) جي ترقي جي ايجنڊا جي حمايت ڪئي. هي ووٽ نوازشريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ پنجاب جي ترقي جو ووٽ آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي پي 84 خوشاب ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ مسلم ليگ(ن) جي اميدوار ملڪ معظم شير ڪلو 73081 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
نواز شريف کي مائنس ڪرڻ وارئو الله جا ڪم ڏسو: مريم نواز جو ردعمل
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي خوشاب واري سيٽ جي ننڍي چونڊ ۾ ليگي اميدوار جي ڪاميابي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
پي پي 84 خوشاب جي ننڍي چونڊ جي 229 مان 228 پولنگ اسٽيشنز جا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن جنهن مطابق ن ليگ جو اميدوار محمد معظم شير ڪلو 72 هزار 655 ووٽ کڻي سڀني کان اڳيان آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جو علي حسين خان بلوچ جنهن 62 هزار 573 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي.
ن ليگ جي فتح کي ويجهو ڏسندي مريم ٽوئٽر تي پنهنجو ردعمل ڏنو آهي، مريم شينهن جي جف هئين آهي جنهن ۾ شينهن ايندو آهي ۽ ان سان گڏ لکيو آهي ته خوشاب ۾ ڪير اچي رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته نواز شريف کي مائنس ڪرڻ وارئو الله جا ڪم ڏسو، صرف نوازشريف وڃي بچيو آهي باقي مائنس ٿي ويا آهن.