ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن مان 10 ڪروڙ رپين جي سون چوري جو ڊراپ سين، چوري ۾ ملوث دڪان جو مالڪ پاڻ ئي نڪتو، دوست سميت گرفتار.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار آصف پاڻ پنهنجي دڪان مان سون گم ڪري ڊرامو رچايو. سائوٿ انويسٽيگيشن پوليس ڇاپو هڻي آئي آئي چندريگر روڊ تي قائم تجارتي مرڪز مان 3 ڪلو سون هٿ ڪري ورتو. جوابدار آصف ۽ سندس ساٿي وسيم کي گرفتار ڪري ڪيو ويو آهي، کائن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.