اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪورونا وبا سبب اڄ 108 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ 18 هزار 537 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 46 هزار 467 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ٽيسٽن جو انگ 12.056.96 ٿي وئي آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 198 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 845.833 ٿي وئي آهي. هاڪاري ڪيسز جي شرح 9.03 سيڪڙو ٿي وئي آهي
.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 88 هزار 680، پنجاب ۾ 3 لک 12 هزار 522، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 21 هزار 728، اسلام آباد ۾ 77 هزار 065، بلوچستان ۾ 22 هزار 900، آزاد ڪشمير ۾ 17 هزار 583 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 355 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 84 هزار 172 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 108 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ گڏيل طور تي 18 هزار 537 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 4 هزار 397 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 743.124 ٿي ويو آهي.