ملير (رپورٽ: سامي ميمڻ) گڏاپ جي قديمي ڪمال خان جوکيو ڳوٺ لڳ زمين تي بحريه ٽائون انتظاميا ڳري مشنري سان صبح سوير چڙهائي ڪري ڏني.
مشينري پهچندي ئي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻان ۽ ڪاٺوڙ شهر لڳ ٻين آبادين جا رهواسي مدد لاءِ پهچي ويا جن سخت مزاحمت ڪندي پٿراءُ ڪري ڏنو جنهن بعد اهلڪار مشنري ڪاهي ڀڄڻ تي مجبور ٿي پيا ويندي ويندي انتظامي اهلڪارن ٻيهر اچڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن جي نتيجي ۾ شام 3 وڳي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ گڏاپ پوليس جي اٽالن سان گڏ ٻيهر ڀرپور چڙهائي ڪري زمين تي والار ۽ اڏاوت شروع ڪري ڏني.
وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا جي گڏ ٿيڻ تي بحريه ۽ پوليس اهلڪارن ڳوٺاڻن لٺ بازي ڪندي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا انور ڪلمتي ، شوڪت خاصخيلي ۽ جانشير جوکيو سخت زخمي ٿي پيا، جن مان جانشير جوکيو ۽ شوڪت خاصخلي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو، فائرنگ بعد صورتحال انتهائي چڪتاڻ واري ٿي وئي ، ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي جو چوڻ هو ته ظالم اهلڪارن زخمين ۽ ڳوٺاڻن کي زوري کنڀي گاڏي ۾ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ته ماڻهن گهيراءَ ڪري زخمين کي گاڏي مان لاهي ورتو.
ان موقعي تي ڪمال خان جوکيو ڳوٺ جو ميدان جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جڏهن ته علائقي جا سياسي سماجي اڳواڻ ۽ معزز گڏاپ ٿاڻي پهچي ويا جن حملي ۽ فائرنگ خلاف بحريه انتظاميا تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست ڏني جنهن جي جواب ۾ زخمين جي طبي چڪاس لاءِ پوليس ليٽر جاري ڪيو هوڏاهن سج لٿي تائين بحريه انتظاميا بندوق جي زور تي پنهنجي ڪاروائي جاري رکي ۽ اڄ وري بحريه انتظاميا طرفان زمين تي رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو،ان موقعي تي ڳوٺاڻن طرفان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هڻي چونڊيل نمائيندن جي ماٺ ۽ بيحسي خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته زمين ۽ ڳوٺ بڇائڻ لاءِ آخري دم تائين وڙهنداسين.
ٻئي طرف عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد پڻ اڄ ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪندو. ان موقعي تي دانهيندي ڳوٺاڻن منور جوکيو، حميد ڇٽو، صلاح الدين گبول ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل هڪ هفتي کان ڳوٺاڻن سان بحريا ٽائون ۽ پوليس جون قهري ڪاروائيون جاري آھن، اسان جي وسيلن ۽ زمينن تي بندوق جي زور تي قبضا ڪرڻ کانپوء اسان جي پاڪستان کان اڳ انگريزن جي دور کان قائم ٿيل قديم ڳوٺن ٿي چڙھائيون ڪري اسان کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي، اسان پنهنجا قديم اجها ڇڏي ڪيڏانهن وڃون، هنن چيو ته اسان جو ڪوبه واهر ڪرڻ وارو نه آهي، سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي جنهن کي گذريل 40 سالن کان ووٽ ڏيندا اچون پر سنڌ حڪومت اسان جي واهر ڪرڻ بدران اسان کي بحريا ٽائون جي ظلم جي رحم و ڪرم تي بي يارو مددگا ڇڏي ڏنو آھي.
ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڌرتي تي انگريزن جي دور ۾ به اسان سان اهڙو ظلم نه ٿيو جهڙو ظلم پاڪستان ۾ ٿي رهيو آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر ۽ پ پ چيئرمين جي نوٽيس وٺڻ باوجود بحريه ٽائون انتظاميا قبضا خوري ختم نه ڪئي، سنڌ سرڪار به ملير پوليس کي ڳوٺاڻن خلاف ڪارروائي کان نه روڪيو، بحريه ٽائون انتظاميا قبضن لاءِ زبردستي قديمي ڳوٺ خالي ڪرڻ گهر ٿي، متاثرن طرفان بحريه ٽائون انتظاميا ۽ ملير پوليس خلاف نوٽيس وٺي ڪارروائيون بند ڪرائڻ مطالبو ڪيو.