ڪراچي(رپورٽ: سُڌير جوکيو) بحريا ٽائون پاران ڪراچي جي قديمي ڳوٺن تي چڙهائي کانپوءِ مليرراڄڻو اتحاد کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ملير جي اهم سياسي اڳواڻن پاران راڄوڻي اتحاد جي بحالي لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. جلد ئي راڄوڻي اتحاد جي بحاليءَ جو اعلان ڪيو ويندو.
هوڏانهن پ پ ملير جي اڳواڻن ساجد جوکيو، محمد يوسف بلوچ، سلمان مراد بلوچ ۽ ٻين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري تازي ملير جي سياسي صورتحال تي آگاهي ڏني وئي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته جڏهن ته ملير مان چونڊيل پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم قيادت کان سخت ناراض آهي جنهن سبب هن پ پ قيادت سان ملاقات نه ڪئي.