ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي وڪري ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر برابر جا شريڪ آهن. مالاڪنڊ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته مخالف ڌر جا ميمبر ان وقت غائب ٿي ويا جڏهن سينيٽ ۾ قانون سازي ڪئي وئي، جڏهن ته حڪومت بل پاس ڪرائڻ ۾ صرف هڪ ووٽ سان ڪاميابي ملي. سراج الحق چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي صورت ۾ ملڪ جو مستقبل عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) حوالي ڪيو ويو، اسٽيٽ بئنڪ جي وڪري ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر برابر جا شريڪ آهن. حڪومت تي تنقيد ڪندي سراج الحق چيو ته حڪمران انتظامي، معاشي، سياسي ۽ اخلاقي ڏيوالي جو شڪار آهي، جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي قرضن بجاءِ زڪوات جي نظام ذريعي ملڪ هلائيندي هن چيو ته حڪومت پهرين ڏينهن تي پنهنجي نااهلي سبب ناڪام ٿي وئي، حڪومت ڪشمير تي سوديبازي ڪري صدي جو سڀ کان وڏو يوٽرن ورتو. هن حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ حڪمرانن کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به ڪينيڊين حڪومت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اسلام فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص نمائندي جي مقرري خوش آئند آهي.