اسلام آباد: (بيورو) حڪومت شهرين مٿان بجلي بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، بجلي جي قيمتن ۾ 3 روپيه 12 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي پي پي اي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي جنهن تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي. قيمت ۾ واڌ جي صورت ۾ صارفين تي 30 ارب روپين جو وڌيڪ بار پوندو. سي پي پي اي ڊسمبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ درخواست ڏيندي چيو ته ڊسمبر 2021 ۾ 8 ارب 52 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي، جنهن جي پيداواري لاڳت 73 ارب 84 ڪروڙ روپيه رهي. سي پي پي اي چيو ته 22 روپيه 24 پئسن ۾ فرنس آئل کان مهانگي ترين بجلي پيدا ڪئي وئي. ايل اين جي مان 17 روپيه 80 پئسا في يونٽ، ڊيزل مان 14 روپيه 8 پئسا، ڪوئلي مان 13 روپيه 31 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي، جڏهن ته ايران مان 13 روپيه 26 پئسا في يونٽ ۾ بجلي تيار ڪئي وئي ان ڪري فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ قيمتن ۾ 3 روپيه 12 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وڃي.