اسلام آباد (بيورو ) سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ پي ڊي ايم حڪومت جا عدالتي بينچ تي اعتراض رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال 32 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽن ججن تي اُٿاريل اعتراض جي قانون جي نظر ۾ ڪائي اهميت ناهي، اعتراض جي درخواست سٺي نيت بدران بئنچ رڪن کي هراسان ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي وئي.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالت نوٽ ڪيو ته وفاقي حڪومت مختلف حربا استعمال ڪري دير ڪئي، وفاقي حڪومت عدالت جي توهين ڪئي وئي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي توهين جو سلسلو پهرين مارچ 2023ع کان شروع ٿيو ، پهرين مارچ 2023ع کان چيو ويو ته چار ٽي جي اڪثريت سان اسپيڪر جي درخواست رد ڪئي، وفاقي سرڪار چار اپريل جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ بدران اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل جي پٺيان لڪي، وفاقي سرڪار جو مقصد پنهنجي بي عملي کي جواز ڏيڻ هو، ان کانپوءِ پارليامينٽ سُپريم ڪورٽ ري ويو آف ججمينٽ اينڊ آرڊر قانون منظور ڪيو جنهن کي سُپريم ڪورٽ غير آئيني قرار ڏئي چڪي آهي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اعتراض جي درخواست داخل ڪرڻ جو مقصد چيف جسٽس پاڪستان کي بئنچ کان ڌار ڪرڻ هو، وفاقي وزيرن مختلف ڪيس ٻڌڻ وارن ججن خلاف بيان بازي ڪئي، وزيرن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن خلاف ڪيس ۾ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنا، سُپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار جي ان رويي کي انتهائي تحمل ۽ صبر سان برداشت ڪيو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 15 ئي تي پنجاب اسيمبلي ۾ 14 مئي تي چونڊن جي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرائڻ لاءِ مظاهرا ڪيا ويا، انهن مظاهرن جو پريشان ڪندڙ رُخ حڪومت جي اتحادين کي عدالت خلاف احتجاج ۾ ڏنل مدد هئي، جنهن جو مقصد عدالت ۽ ججن تي دٻاءُ وجهڻ هو ته جيئن هو ڪو به فيصلو نه يا سندن حق ۾ فيصلو ڏين، وفاقي حڪومت جي مدد سان پاور شو ذريعي عداليا تي سڌي ريت حملو ڪيو ويو.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي عدالتي فيصلن تي عمل ۽ سهڪار نه ڪرڻ کي صبر ڪيو، عدالتي فيصلا نه مڃڻ تي وفاقي سرڪار خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي، آڊيو ليڪس اچڻ تي وفاقي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن عدالتي فيصلن ۽ ڪارروائي تي ڌمڪيون ڏنيون، ججن مٿان حملي جي هڪ مثال 15 مئي تي سامهون آئي.