لاهور (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تازي ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش.
امجد پرويز ايڊووڪيٽ طرفان هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا نواز شريف لاءِ موتمار ٿي سگهي ٿو.
پليٽ ليٽيس جي گهٽتائي، شگر، دل ۽ گردن جي عارضي سبب ڊاڪٽرز نواز شريف کي اسپتال ڀرسان ترسڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف جو لنڊن کان ٻاهر نڪرڻ سندس صحت لاءِخطرناڪ ٿي سگهي ٿو.